سيشن ڪورٽ عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ واري فيصلي تي اسٽي جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سيشن ڪورٽ اوڀر عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ واري فيصلي تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سيشن جج اوڀر جي عدالت ۾ عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ واري فيصلي خلاف داخل اپيل جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت درخواستگذار جي وڪيل ضياءَ اعواڻ جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ واري فيصلي تي اسٽي جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت درخواستگذار عبدالاحد ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر کي نوٽيس جاري ڪندي 11 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر لياقت جي اڳوڻي گهرواري بشرا اقبال چيو ته دانيه شاهه جي طلاق ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.