اين اي 157 جي ضمني اليڪشن ۾ پي ڊي ايم وڏو فيصلو ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اين اي 157 جي ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) پ پ اميدوار جي حمايت جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب اين اي 157 تي ننڍي چونڊ لاءِ ن ليگ پيپلز پارٽي خلاف پنهنجو اميدوار نه بيهاريندي، پيپلز پارٽي جي علي موسيٰ گيلاني جو مقابلو عمران خان يا شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ مهر بانو سان ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ ن جي اميدوار کي چونڊ وڙهڻ تي اهم عهدو ڏئي ڇڏيو.

ن ليگ اميدوار عبدالغفار ڊوگر کي وفاقي ڪابينا ۾ وزيراعظم جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو.

عبدالغفار ڊوگر کي پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي حمايت جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.