نئين دهلي( ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ عورت پنهنجي ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ واري سگهه کان محروم 4 سالن جي ڌيءَ کي عمارت تان اڇلائي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اهو افسوسناڪ واقعو گذريل ڏينهن بنگلورو ۾ پيش آيو، جتي هڪ عورت پنهنجي 4 ورهين جي ڌيءَ کي عمارت جي چوٿين ماڙ تان هيٺ اڇلائي ڇڏيو.
ڇوڪري فرش تي ڪرڻ بعد موقعي تي دم ڏئي ڇڏيو.
عورت پنهنجي ڌيءَ جي ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ واري سگهه کان محرومي تي ظاهري طور اداس هئي ۽ ان ڪري هن ڇوڪري کي عمارت تان هيٺ اڇلائي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ مڙس پاران شڪايت داخل ڪرائڻ بعد عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي.