گهٽ آمدني وارا ماڻهو وچولي عمر ۾ وڏي مسئلي جو شڪار ٿي ويندا آهن : تحقيق

حد کان وڌيڪ آمدني کي طبي مسئلن جهڙوڪ ڊپريشن، رت جي رواني ۽ ٿولهه جهڙن مسئلن سان ڳنڍيو ويندو آهي.

پر هاڻ آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي جي تازي تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته گهٽ آمدني وچولي عمر ۾ يادداشت کي به ڪمزور ڪرڻ جي سبب بڻجندي آهي.

هن تحقيق ۾ 1936ع کان 1941ع دوران پيدا ٿيندڙ 2879 ماڻهن جي ڊيٽا جي جاچ پڙتال ڪئي.

1994ع کان 2004ع دوران سندن پگهارن جي ڀيٽ ڪئي وئي ۽ کين ٽن ڌڙن ۾ ورهايو ويو، مطلب کين وڌيڪ آمدني وارن، وچولي آمدني وار ۽ گهٽ آمدني وارن گروپن ۾ ورهايو ويو.

بعد ۾2004ع کان 2016ع تائين  انهن ماڻهن جي يادگيري ۾ ايندڙ تنزلي جو جائزو ورتو ويو.

تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي يادداشت جي ڪمزوري جو عمل وچولي عمر ۾ تمام گهڻو تيز ٿي ويندو آهي.

ماهرن موجب نتيجن مان مليل ثبوت ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته جواني ۾ اسان جي آمدني ۽ باقي زندگي ۾ يادگيري جي ڪمزوري جي رفتار ۾ تعلق موجود آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سماجي پاليسين کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي مالي حيثيت کي بهتر بڻائڻ گهرجي جن ذريعي سندن دماغي صحت بهتر ٿي سگهي ٿي.

سندن چوڻ هو ته مستقبل ۾ ان بابت وڌيڪ تحقيقي ڪم ڪيو ويندو ۽ ڏٺو ويندو ته ڪهڙي نموني دماغي ڪمزوري جي روڪٿام کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.