پنجاب جي 21 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي 21 رڪني ڪابينا عهدن جو حلف کڻي ورتو.

گورنر بليغ الرحمان ڪابينا ميمبرن کان حلف ورتو، حلف برداري تقريب ۾ وڏو وزير پرويز الاهي به شريڪ ٿيو.

حلف کڻندڙن ۾ ميان اسلم اقبال، علي عباس شاهه، محسن لغاري، تيمور ملڪ، راجا بشارت، عنصر مجيد نيازي، راجا ياسر همايون شامل آهن.

ان کانسواءِ منيب سلطان چيما، شهاب الدين، مراد راس، ڊاڪٽر ياسمين راشد، خرم شهزاد ورڪ، محمد هاشم ۽ علي افضل ساهي به حلف کنيو.

حلف کڻندڙن ۾ نوابزادا منصور علي خان، حسين جهانيان گرديزي، غضنفر عباس ڇينا، لطيف نذر، حسنين بهادر دريشڪ ۽ ميان محمود الرشيد به شامل آهن.

پنجاب ڪابينا ۾ شامل سڀني ميمبرن جو واسطو تحريڪ انصاف سان آهي ۽ انهن ۾ ڪو به ق ليگ ميمبر شامل ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.