سيپٽمبر تائين ڏکيائيون برقرار رهنديون: مفتاح اسماعيل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته عمران خان ملڪ جا قرض 75 سيڪڙو وڌائي اسان لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪيون، هاڻ اسان کي دنيا کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ يو اي اي پاڪستان کي هڪ ارب ڊالرن جي رقم ڏيندو.

هن چيو ته اسان پاڪستان کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ سخت فيصلا ڪيا، اسان هن وقت دبئي کان سستو پيٽرول ڏئي رهيا آهيون، چار ڊالرن ۾ ملندڙ ايل اين جي هاڻ 40 ڊالرن ۾ به نه پئي ملي.

سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي فنڊنگ بابت اڳڀرائي ٿي آهي، سيپٽمبر تائين ڏکيائيون برقرار رهنديون، پوءِ بهتري اچي ويندي.

مفتاح اسماعيل چيو ته بجلي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ وڌيڪ جنريشن منصوبا لڳائڻ جي سخت ضرورت آهي، ڪمرشل بجلي ڪجهه عرصي ۾ سستي ٿي ويندي، زرعي پيداوار ۾ کوٽ آئي آهي، ڀاڻ به ٻاهران گهرائڻو پئجي رهيو آهي، چانورن، مڪئي ۽ ڪمند جي پيدوار تمام گهٽ ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.