ميڊل هيلي ڪاپٽر شهيدن جي ناءُ، عالمي معيار جي ٽريننگ ۽ دورا ٿين ته ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهان ٿو : انعام بٽ

پاڪستاني پهلوان انعام بٽ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ کٽيل سلورر ميڊل لسٻيلا هيلي ڪاپٽر حادثي جي شهيدن جي ناءُ ڪري ڇڏيو.

انعام بٽ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته توهان سڀني جي دعائن ۽ سپورٽ جو ٿورئتو آهيان، الله جو شڪر آهي جنهن سلور ميڊل سان نوازيو، هي ميڊل بلوچستان هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي نالي ڪريان ٿو.

ان کان اڳ برمنگهم جاري ڪامن ويلٿ گيمز جي ريسلنگ مقابلي ۾ سلور ميڊل کٽڻ واري قومي ريسلر انعام بٽ چيو هو ته کيس سيمي فائنل ۾ گوڏي ۾ تڪليف هئي، فائنل ۾ سٺو مقابلو ٿيو.

انعام بٽ جو چوڻ آهي ته اسان کي عالمي معيار سکيا ناهي ڏني ويندي، عالمي معيار جي ٽريننگ ۽ دورا ٿين ته رانديگر سٺي ڪاڪردگي ڏيکاريندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.