ڪامن ويلٿ گيمز : فائنل ۾ شڪست بعد زمان انور سلور ميڊل جو حقدار قرار

برمنگهم ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستاني پهلوان زمان انور کي ريسلنگ جي 125 ڪلوگرام ڪيٽيگري جي فائنل ۾ شڪست ٿي آهي.

ڪئناڊا جي امروير سنگهه کان فائنل هارائڻ بعد زمان انور کي ڪامن ويلٿ گيمز ۾ سلور ميڊل مليو آهي.

پاڪستان هنيئر تائين هڪ گولڊ ۽ ٻه سلور ٻه برانز ميڊل کٽي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.