سج جي روشني اوهان کي ٿڪائي ڇو ڇڏيندي آهي؟

توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته جڏهن به توهان سمنڊ ڪناري تي سير ۽ تفريح لاءِ ويندا آهيو ته اتي توهان سج جي روشني ۾ وقت گذاريندا آهيو ۽ گھر واپسي تي سڪون جو احساس توهان کي گھيري وٺندو آهي پر گڏوگڏ ٿڪ جي ڪري ننڊ جي ڪيفيت طاري ٿيڻ لڳندي آهي ۽ توهان جو جسم آرام ڪرڻ چاهيندو آهي، ڇا توهان ڄاڻيو ٿا ته ان ٿڪ جي طاري ٿيڻ جو اصل ڪارڻ ڪهڙو آهي؟

اس ۾ ويهڻ جسم لاءِ سخت محنت ڪرڻ برابر آهي جڏهن ته توهان ڪو ڪم به انجام نه ڏنو هجي جسم جي هي ٿڪاوٽ معمول جي ڳالهه آهي.

ان ڏس ۾ سيئٽل ۾ چمڙي جي مرض جي ماهر هيٿرراجرز جو چوڻ آهي ته گرمي پد ۾ معمولي تبديلي به جسم تي اثر انداز ٿوندي آهي ۽ ان جي افعال کي متاثر ڪندي آهي ۽ جسم پگھر ذريعي بنيادي  گرمي پد کي منظم رکڻ لاءِ ڪم ڪندو آهي. انهي طرح توهان جو جسم ٻاهر جي ڀيٽ ۾ اندروني سطح تي وڌيڪ ڪم ڪندو آهي  انهي ڪري توهان تي ٿڪاوٽ ۽ ننڊ جي ڪيفيت طاري ٿيڻ لڳندي آهي.

سمنڊ ڪناري کان واپسي تي ٿڪاوٽ جو هڪ وڏو ڪارڻ جسم ۾ پاڻي جي گھٽتائي به ٿي سگھي ٿي. جرنل آف نيوٽريشن ۾ شايع ٿيندڙ هڪ تحقيق موجب پاڻي جي معمولي گھٽتائي توهان جي مزاج کي تبديل ڪري سگھي ٿي.

سمورو ڏينهن ڊيسڪ تي ڪم ڪرڻ دوران اهو ياد رکو ته جسم کي هائيڊريٽ رکڻ لاءِ مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي پر انهي طرح جڏهن توهان سمورو ڏينهن گرمي ۾ کاڌو پچائي رهيا آهيو ته مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ اڃا به ياد ناهي رهندو هر انسان کي پنهنجي جسم ۽ ڪم موجب پاڻي جي ضرورت هوندي آهي ڏينهن ۾ 8 گلاس پيئڻ رڳو هڪ چوڻي آهي پر جڏهن توهان سج جي روشن ۾ وقت گذاري رهيا آهيو ته پاڻي جو استعمال وڌائي ڇڏيو جيئن جسم کي پاڻي جي گھٽتائي کان بچائي سگھجي ۽ وڌيڪ توانو رهي.

پر هي ياد رکڻ ضروري آهي ته هڪ مصروف ڏينهن جي پڄاڻي تي عام ٿڪاوٽ ۽ گرمي جي ٿڪاوٽ ۾ گھڻو واضح فرق هوندو آهي گرمي جي ٿڪاوٽ ۾ جسم اندروني گرمي پد کي منظم رکڻ لاءِ جسم جي پاڻي کي کل جي سطح تي آڻيندو آهي پگھر گھڻو اچڻ ڪري جسم ۾ پاڻي جي گھٽتائي ٿيڻ لڳندي آهي ۽ انهي طرح ٿڪاوٽ سان گڏ نبض به تيز هلڻ لڳندي آهي ۽ ننڊ يا بيهوشي محسوس ٿيڻ لڳندي آهي ته هي سموريون علامتون گرمي جي ٿڪ جون آهن اهڙي صورت ۾ ڪنهن ٿڌي جاءِ جو رخ ڪيو ٿڌوپاڻي استعمال ڪريو علامتون برقرار رهڻ جي صورت ۾ پنهنجي ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو جيڪڏهن سموريون علامتون پاڻ مرادو ٺيڪ ٿي وڃن ته ان جو مطلب آهي ته هي گرمي جي ٿڪاوٽ ناهي.

ڪوشش ڪريو اس ۾ وقت گذارڻ کان پاسو ڪريو جيڪڏهن وڃڻ ضروري به هجي ته ڇانو ۾ هلو ۽ پاڻي جو استعمال وڌيڪ ڪريو جيئن صحتمند رهي سگھو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.