عوام ۽ سرندي وارا  ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ مدد ڪن: وزيرعظم جي اپيل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو.

ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جي جائزي بابت اجلاس بعد جاري ٿيل پڌرائي ۾ وزيراعظم چيو آهي ته تاريخي برساتن قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي.

ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف عوام ۽ خاص طور سرندي وارن کي اپيل آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪن.

وزير اعظم چيو ته بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب غير معمولي تباهي آئي، سنڌ، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ به تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي.

وزيراعظم چيو ته ملڪ جي غير مستحڪم معاشي حالتن باوجود ٻوڏ متاثرن لاءِ 5 ارب رپيا فوري جاري ڪيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.