لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض واري معاملي تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض کي هٽائڻ بابت درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر 30 ڏينهن ۾ اپوزيشن ليڊر جي معاملي تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ايڊيشنل اٽارني جنرل لاڳاپيل اختيارين کي فيصلي کان آگاهه ڪري ۽ رجسٽرار آفيس فيصلي ۽ درخواست جي ڪاپي اسپيڪر تائين پهچائي.