ڊالر جي قيمت گھٽجڻ جو عوام کي فائدو ڏيو

پاڪستان ٽين دنيا جو ھڪ اھڙو ملڪ آھي،جيڪو ڪافي وقت کان غيرملڪي قرضن ھيٺ دٻجي ويو آھي،ھڪ ننڍڙي  ملڪي معيشت  تي گھڻو ئي بار آھي، ملڪ جي بجيٽ جو ھڪ وڏو حصو غيرترقياتي شعبي تي خرچ ٿئي ٿو،ترقي جي رفتار توڻي معشيت جي واڌ ويجھھ  سست رھي ٿي، ڪجھھ وقت کان ملڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ ويتر ملڪ جي مجموعي سياسي  صورتحال کي ھڪ اھڙي غيريقيني ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي جو ماڻھن ۾ ھڪ اڻڃاتل خوف موجود آھي جنھن جو اثر زندگيءَ جي ھر شعبي تي پئي ٿو.

سياسي اتحاد جي آيل حڪومت بعد پھرين تھ اھو خيال ھو تھ ملڪ جي معيشت ۾ استحڪام ايندو پر ان سان  جاري سياسي ڄنڊا پٽ وڌڻ سان ملڪ ۾ مھانگائي جو طوفان اچي ويو، جنھن عوام کي  اڳي کان بھ گھڻو  غير يقيني جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو.ان سان وري حڪومت دٻاءُ جو شڪار ٿي وئي،سياسي منظرنامي تي حڪومت جي رھڻ يا نھ رھڻ بابت  افواھن پيدا ٿيڻ سان ان جو سڌو اثر معيشت تي پيو.ڊالر جي قيمت سگھار ٿي ۽ اڳي ئي ڪمزور رپيو وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو.اھو جيڪو ڪجھھ بھ ٿيو ان جو گھڻو تڻو نقصان عوام کي ڀوڳڻو پيو.

ٻن ڏينھن کان ڊالر جي قيمت ۾ لاٿ ۽ ملڪي رپئي کي ٿوري سگھھ ملڻ  سان ملڪي صورتحال ۽ مستقبل جي سياسي منظر جي تڪ تور ڪئي پئي وڃي.ان جو سڌو تعلق ھجي يا نھ ھجي پر  تازو ئي پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف اٺن ورھين کان التوا ۾ پيل فارين فندنگ جي ڪيس جي فيصلي اچڻ بعد ملڪ جي معيشت ۾ اھي علامتون ظاھر ٿيڻ شروع ٿيون  آھن.

ھن وقت ملڪي ڪرنسي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ھيٺ لھڻ   شروع ٿي وئي آھي،ڊالر جيڪو ملڪي  240 رپين تائين وڃي پھتو ھو، تنھن جي اگھن  ۾ غيرمعمولي لاٿ سان حڪومت  کي استحڪام ملڻ جي پس منظر ۾ ڏٺو پيو وڃي.

جيتوڻيڪ حڪومت سڌي طرح ان جو ڪريڊٽ تھ نھ کنيو آھي پر اھو تاثر قائم ٿي ويو آھي تھ ھن سرڪار جي گاڏي ھلي پئي آھي،ماھر ھن وقت ڊالر جي اگھھ ۾ ٿيل لاٿ جا ڪيترا ئي سبب بيان ڪري رھيا آھن،جنھن ۾  انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ کان قرض واري قسط جاري ڪرائڻ جي لاءِ فوجي سربراھھ پاران آمريڪا سان فون تي رابطو ڪرڻ بھ ھڪ آھي،جنھن سان سياسي ماحول ۾ اسٽيبليشمينٽ ۽ حڪومت جي ھڪ صلاح ھئڻ جو تاثر بھ پيدا ٿيو آھي، ڊالر جي لاٿ جي ٻين سببن ۾عالمي اداري جي قرض ملڻ واري اميد جو پيدا ٿيڻ،موجوده حڪومت طرفان ڪم جاري رکڻ جھڙين ڳالھين کي بھ سمجھيو پيو وڃي.

ڪجهھ ماھر اھو بھ چئي رھيا آھن تھ ڊالر جي لاٿ جو اھو سلسلو اڃان بھ جاري رھندو  ۽ حڪومت ڪجھھ مثب قدم کنيا تھ اھو ھڪ ڊالر پاڪستاني 190 کان 200 رپين تائين اچي سگھي ٿو.ان سان يقينن ملڪ جي معيشت تي وڌيڪ ھاڪاري اثر پوندا.

ڪنھن وقت ۾ عالمي بينڪ روزاني ھڪ ڊالر کان گھٽ ڪمائي سگھندڙ فرد کي غريب قرار ڏنو ھو پر ھن دنيا جو ڍانچو گھڻو بدلجي چڪو آھي،جنھنڪري ھڪ کان وڌيڪ عنصر فرد جي غريب ھئڻ بابت اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. دنيا جي سمورن ملڪن ۾ ھاڻي عالمي بينڪ  وارو اھو پراڻو فارمولو مقرر نٿو ڪري سگھجي، ڇاڪاڻ جو آمريڪا ۾ اھو غريب آھي جيڪو 12 ڊالر روز ڪمائي ٿو،ان جي مقابلي ۾ لاطيني آمريڪا ۾ جيڪو فرد ٻھ ڊالر ڪمائي ٿو اھو بھ غريب آھي.دنيا جي عالمي مڃتا رکندڙ معاشي ماھر امرتا سين  جو چوڻ آھي تھ ھاڻي غربت رڳو گھٽ آمدني جو نالو ناھي پر اھو صلاحيتن کان محرومي جو نالو بھ آھي،علم ھنر ۽ سوچڻ جي سگھھ سان گڏ صحت،تعليم،پاڻي جي کوٽ سان بھ غربت ظاھر ٿئي ٿي.

ملڪ جي ڪرنسيءَ ۾ استحڪام پيدا ٿيڻ سان وري اسٽاڪ مارڪيٽ ۾بھ سيڙپ جو گراف وڌيو آھي،ساڳي ريت سون جي قيمت ۾ پڻ وڏو جمپ آيو آھي ھڪ تولي جي قيمت ۾ 9 ھزار رپين کان بھ وڌيڪ گھٽتائي ٿي آھي،اھي سمورا اشارا آھن تھ حڪومت مستحڪم ٿي رھي آھي،جنھن سان معيشت بھ مضبوط ٿيڻ شروع ٿي آھي.

اھو سڀ درست آھي ان کي سمورن حلقن پاران ساراھيو پيو وڃي پر اصل سوال  ھي آھي تھ ان مان عوام کي بھ ڪجھھ فائدو ملڻ گھرجي،جڏھن ملڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قيمت وڌي ٿي تھ ان جو نقصان عوام کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو، مھانگائي وڌي ٿي،پيٽرول ۽ ان سان لاڳاپيل شين جون قيمتون تڪڙيون وڌن ٿيون،ھاڻي جڏھن ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جو ملھھ بھتر ٿي رھيو آھي تھ عوام پڻ اھا اميد رکي ٿو تھ ان مان کين فائدو ڏنو  وڃي.

جيڪڏھن ھڪ بھتر رٿابندي ڪندي ملڪ ۾ موجود ايترن وسيلن مان فائدو ورتو وڃي تھ ڪر ھن زرخيز زمين جي آدم کي ڪنھن بھ غيرملڪي قرض جي ضرورت نھ پوي، پر حڪمرانن جي غلط رٿابندين ۽ روز روز غيرجمھوري قوتن جي ملڪ جي سياست ۾ داخل ٿيڻ سان ھن وقت ملڪ ھن حال ۾ اچي پھتو آھي.

ھاڻي جڏھن  سموريون سياسي پارٽيون ھڪ اتحاد جي صورت ۾ اقتدار ۾ گڏ آھن تھ انھن  تي اھو فرض ٿئي تو تھ ھو ملڪ کي ھڪ بھتر رخ ۾  اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ جامع رٿابندي ڪن ٻي صورت ۾ اھو چيو ويندو تھ ھن ملڪ سان سياستدان سچا نھ آھن وري ڪنھن غيرجمھوري ڌر کي اھو وجھھ ملي ويندو يا وري ڪا ھاءِ برڊ جماعت اڳتي وڌائي ڪري جمھوري قوتن جو رستو روڪيو ويندو تنھنڪري سياسي ڌرين کي گھرجي تھ عام ماڻھونءَ جي مسئلن کي اوليت ڏين ان سان ئي ھنن جي ساک جڙندي ان سان ئي ملڪ جون حالتون بھتر ٿينديون.ان سان ئي معيشت مضبوط ٿيندي.اميد ڪجي ٿي تھ سرڪار ملڪ جي غريب ماڻھن کي مھانگائيءَ واري طوفان مان ٻاھر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.