سنڌ ۾ پوندڙ رڪارڊ برساتون، جن انتظامي نااهلي جي پَت وائکي ڪري ڇڏي!

دنيا جي سُڌريل توڙي ترقي يافته ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهون برساتن کي تمام گهڻون انجواءِ ڪندا آھن وسندڙ مينهن ۾ پنهنجي فيملي کي ساڻ ڪري ڪنهن سٺي ماڳ ڏانهن تفريح لاءِ  نڪري ويندا آھن، پر اسان وٽ برسات ڪنهن تفريح کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿيندي آھي، ڇو ته ٻاهرين دنيا ۾ اتان جي ملڪن جو سسٽم اهڙو ته اپڊيٽ آھي جو ڀلي ڪيترائي ڪلاڪ توڙي ڪيترائي ڏينهن برسات پوندي رهي، برسات جي بند ٿيڻ جي ڪجهه ئي گهڙين ۾ روڊ رستن تان پاڻي ئي غائب ٿي ويندو آھي، روڊ  رستا ڪليئر هوندا آھن  ۽ معمول جي زندگي واپس اچي ويندي آھي، ان جي ابتڙ خدا نه ڪري اسان وٽ شال ڪجهه گهڙين جي برسات پوي پوءِ ته رب پناهه ڏئي هفتن جا هفتا خدا جي خلق آزار ۾ اچي ويندي آھي،

گذريل ڪجهه سالن کان وٺي سنڌ ۾ گهٽ برساتون پوڻ سبب ماڻهن جي چهرن تي اداسين جا عالم ٽِڪَ هڻي بيهي رهيا هئا، پاڻي جي قلت ۽ برساتن جي گهٽ پوڻ سبب ٿر بر ۾ تبديل ٿي ويو هو جتي ڏُڪر ٿي مُنهن ڪڍيو، پر هيل قدرت کي ان مرجهايل چهرن تي قياس اچي ويو ۽  ھُن مينهن جا در کولي سونهاري سنڌ مٿان رحمت وسائڻ شروع ڪري ڏني، رحمت جا ڪڪر سنڌ جي جهرن، جهنگن، توڙي وسندين ۽ واهڻ ڳوٺن تي وسڻ شروع ٿي ويا آھن، گذريل اڍائي هفتن کان وٺي خصوصن سموري سنڌ ۾ بادل وقفي وقفي سان وسي رهيا آھن جنهن سبب موسم ته مينگهه ملهار لڳي پئي آھي، البته سنڌ واسين جي چهرن تي وري اداسين جا عالم ڇائنجي ويا آھن، ڇو ته انتظامي نااهلي سبب رحمت واري برسات سنڌ واسين لاءِ  هاڻي زحمت بڻجي رهي آھي، هيل ته برسات پنهنجي پوئين ڪيترن ئي سالن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن جنهن سبب اسانجي سرزمين سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت سنڌ جو ڪوبه اهڙو شهر يا ڳوٺ ناهي جتي برسات سبب نقصان نه ٿيو هجي، آء پهريان به چئي چڪو آھيان ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پوندڙ برسات رحمت هوندي آھي ۽ اسان وٽ انتظامي نااهلي سبب اها ئي برسات خدا جي خلق لاءِ  عذاب بڻجي ويندي آھي، ڇو ته دنيا جي ٻين ملڪن توڙي اسانجي ملڪ پاڪستان جي راڄڌاني ۾ به اهڙو نظام جُڙيل آھي جتي برساتن جي آمد کي نظر ۾ رکندي بلديا جي عملي کي ايڪٽو ڪيو ويندو آھي، برساتي نالن جي صفائي سٿرائي ڪرائي انهن نالن کي ڪليئر ڪرايو ويندو آھي، ته جيئن برساتون وسڻ دوران بنا ڪنهن رڪاوٽ جي برساتي پاڻي ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ کان سواءِ ئي نيڪال ٿي وڃي.

ان جي بنسبت اسانجي سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ برساتي نالن تي ئي قبضا ڪري اتي غيرقانوني  وڏيون رهائشي عمارتون جوڙيون ويون آھن، ڪراچي سان گڏوگڏ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاه، ميرپورخاص، گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، ڄامشورو، دادو، نوشهروفيروز، خيرپور سميت سنڌ جي ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين انهن ندين ۽ نالن تي قبضا ڪيا ويا آھن، جن مان برساتي پاڻي آرام سان نيڪال ڪري پئي سگهبو، مگر انتظامي نااهلي، ڪرپشن، سياسي آشيروادن سبب سنڌ جي شهرن  سميت سنڌ جي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾  ڪينالن واهن، نالن، جي ڪپرن تي به قبضا ٿي چڪا آھن جنهن سبب پاڻي جي لنگهه وارا وڏا واهه ڏينهون ڏينهن سوڙها پيا ٿيندا وڃن، جنهن ڪري ئي ملڪ ۾ پوندڙ برساتن وارو پاڻي ٿڏي تي ئي نيڪال ٿيڻ جي بجائي مهينن جا مهينا ماڻھن جي گهرن ۽ گهٽين ۾ بيٺل رهندو آھي جنهن سبب خدا جي خلق عذاب ۾ اچي ويندي آھي، هيل به ساڳي ڪار آھي ملڪ ۾ اڍائي ٽن هفتن کان پوندڙ برساتن جتي ڪاروبار زندگي کي متاثر ڪيو آھي ته اتي وري خدا جي خلق به پريشان آھي.

سنڌ جي مڪاني کاتي سان واڳيل ميونسپل ڪاميٽين، ٽائون ڪاميٽين، سميت ٻين ادارن جي بجيٽ شهرن تي شهرن جي ترقي تي خرچ ٿيڻ جي بجائي ڀوٿارن جي بنگلن جي آسائشن تي خرچ ٿي رهي آھي ۽ رهي ڪسر آفيسر شاهي به پوري ڪري ڇڏي آھي جنهن سبب شهرن جو سمورو نظام ئي درهم برهم ٿي ويندو آھي، پنهنجي شهرن جي صورتحال اڄ ڪلهه اهڙي بڻجي وئي آھي جو چند گهڙين جي برسات پوڻ جي دير آھي پوءِ ته سمورو ملڪ پاڻي ئي پاڻي هوندو آھي، برسات سبب نالين ۽ نيڪال جو پاڻي به روڊن تي نڪري ايندو آھي جنهن ڪري نالين ۽ برسات جو پاڻي سموري شهر ۾ پيو راڄ ڪندو آھي، ڇو ته مڪاني ادارن جي بجيٽ ڀوتارڪي بنگلن ۽ آفيسرن جي آسائشن تي خرچ ٿيڻ سبب ڊرينيج جي گٽرن جي سيوريج لائينن جي وقت سر صفائي ناهي ٿي سگهندي آھي، شهر جي مين نالن ۾ مهينن کان گند جمع هوندو آھي. صفائي واري عملي جي پگهارن جي حصو به ڪرپشن جي نذر ٿيڻ سبب صفائي سٿرائي به ناهي ٿي سگهندي، وقت سر نالن توڙي نالين جي ڪراسن جي مرمت نه ٿيڻ سبب ئي برساتن توڙي ڊرينيج  جو پاڻي نيڪال ٿيڻ جي بجائي روڊن تي تلائن جي صورت ۾ بيٺل هوندو آھي جنهن سبب خدا جي خلق پئي لوڙيندي آھي،

 تازو مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي اڪثريت سان سوڀ ماڻي آھي، کين گهرجي ته هن ڀيري مڪاني ادارن جي بجيٽ کي عيش عشرت ۾ اڏارڻ جي بجائي برساتي نالن توڙي ڊرينيج جي سموري سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ خرچ ڪن ته جيئن برساتن جي بيٺل پاڻي ۾ مسڪين ماروئڙن جا اجها ڊهي پٽ پوڻ کان بچي پون ڇوته هيلوڪي برساتن ۾ سوين هزارين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آھن ۽ ڪيتريون ئي انساني جانيون اجل جو شڪار ٿي ويون آھن.

سرڪار نامدار کي گهرجي ته هيلوڪي برساتن ۾ جن مسڪين ماروئڙن جا اجها ڊهي پٽ پئجي ويا آھن، يا برسات سبب جن ماڻهن جا فصل تباهه ٿيا آھن يا وري جيڪي انساني زندگيون اجل جو شڪار ٿي ويون آھن انهن لاءِ  سرڪار کي رليف پيڪيج جو اعلان ڪرڻ گهرجي، ان رليف سان ماڻھن جا اهنج ته گهٽ ڪونه ٿيندا پر انهن جي سُورن ۾ گهٽتائي ضرورو ايندي، تنهن ڪري سرڪار کي رليف پيڪيج ڏيڻ جي اپيل ٿي ڪجي ته هو ڏکوئيلن سنڌ واسين جي اهنجن جو احساس ڪري انهن جي سهائتا ڪن ۽ برسات جي پيش نظر نالين جي نيڪال جو نظام درست ڪري ڊرينيج جي سسٽم کي ٺيڪ ڪن ته جيئن عوام جا اهنج گهٽج سگهن!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.