محمد مراد چانڊيو جو وڇوڙو

غفار ميرجت

سنڌ اها ماءُ آھي جيڪا هميشه جوڌن پُٽن کي جنم ڏيندي رهي ٿي جن جو ڳانڍاپو سڌو سنئون عوام سان هوندو آھي اهڙن ڪرادارن منجهان محمد مراد چانڊيو به هڪ هيو،  محمد مراد اهو شيشو هو جنهن جي ٻنهي پاسن کان نهارڻ سان ساڳيا منظر ڏسي سگهبا آھن ، محمد مراد چانڊيو جي سوچ ۾ سنڌ دوستي سندس زندگي جو مقصد نغمو ۽ دل  گيت بڻيل هئي  جنهن جي ڌن ۽ ترنم جي نشي ۾ سرشار ٿي هو جدوجهد جي ميدان ۾ ڪڏھن به نه ٿڪو  پر مراد اڳتي وڌندو رهيو، شاھ صاحب  اهڙي ڌرتي جي عاشقن لاءِ  چيو آھي ته :

عاشَق زهر پِياڪَ، وِهُ ڏسِي وِهُسَنِ گھڻو؛

ڪڙي ۽ قاتلَ جا، هميشه هيراڪَ؛

لڳين لنؤ، لَطِيفُ چئي، فَنا ڪيا فِراقَ؛

توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته به آهَ نه سَلِن عامَ کي.

واقعي محمد مراد سنڌ ڌرتي جو اهڙو عاشق جنهن جي دل ۾ قوم ۽ وطن جي محبت جو ميخون لڳل هيون. وارھ شھر ۾ هر احتجاج ۾ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪندو هيو ، مراد جي بهادري جو ته مثال ئي نه هو هر ڏکئي وقت کي چيلنج سمجهي مقابلو ڪندو هيو،  محمد مراد منهنجي پيارن ۽ رازدار دوستن منجهان هڪ هيو، جيڪڏهن هڪ يا ٻه ڏينهن ڪچهري نه ٿيندي هئي ته هڪ ٻئي کان فون تي خير خيريت ڀڇا ڪندا هياسين هن جي وفات سان رڳو سندس پارٽي پ پ شھيد ڀٽو نه پر وارھ ۾ هر مسئلي تي ٿيندڙ جدوجهد کي نقصان رسيو آھي ، هن وقت اسان کي اهو فاضل راهو چونڪ اداس پيو لڳي جنهن چونڪ تي مراد مختلف وقتن تي ٿيندڙ احتجاجن کي گونجدڙ آواز ۾ تقرير ڪندو هيو،  نااهل حڪمرانن کي چتاءُ ڏيندو هيو،  مراد واقعي مراد هيو مراد جو مطب اميد هو واقعي اسان جي اميد هيو. هن جي وڇوڙي اسان جي دلين کي ڪومائي ڇڏيو. ساڙي. ڳاري ڇڏيو.

ڀٽائي درد کي هيئن به سهيڙيو آھي ته

ڏُونگَـرَ! ڏُکويُنِ کي، ڳَلِ نه سُڪا ڳوڙها؛

هُو جي پَهَڻَ پَٻَ جا، سي ڀَڄِي ٿِيا ڀورا؛

گُوندَرَ جا گھوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪَيو!

مراد جو وڇوڙو اسان کان برداشت نه پيو ٿئي پر 70 سالن جي والد چاچا محمد صلاح کان ڪيئن برداشت ٿيندو هوندو ،دنيا ۾ غم تورڻ جي تارازي اعجاد ناهي ٿي جو ڪنهن جي غم جو وزن ماپي سگهون اهو چاچو محمد صلاح جنهن ايم آر ڊي تحريڪ دوران جيل ڪاٽيا ڪوڙا سٺا،  لانگ بوٽن جا ٿڏا ۽ ظلم سٺو پر موڀي پُٽ مراد جي وڇوڙ تي هو چڪنا چور نظر آيو. چاچي محمد صلاح کي مراد جي يادن گهيري ۾ آڻي ڇڏي اتي اسان ڪنهن کي آٿت نه پئي ڏئي سگهياسين ڇو ته مراد اسان جو به سهارو هيو مراد جي وڇوڙي سان اسان به غم جي گهيري ۾ هياسين. اسان ته مراد جي 18 سالن جي پُٽ سعيد وانگر لڙڪن جي لهرن ۾ ٻُڏندا رهياسين. اسان ته مراد جي ڀاءُ  شاهمراد  ۽ اصغر کي به ڀاڪر ڀائي غم هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري سگهياسين ڇو ته مراد جي غم اسان سڀني کي بي ستو ڪري وڌو هيو.

 اسان تي مراد جو وڇوڙو تير تي برسيو هيو  تڏي تي مراد جو هر دوست زخمي نظر آيو هر ماڻھو جي اکين ۾ نيرن نيسارا ٺاهي ڇڏيا هيا.مراد جي وڇوڙي کي ڪجهھ ڏينهن  ته گذري ويا پر ڪالھه جڏھن چاچا محمد صلاح اصغر جي سيلون تي آيو ۽ اسان جي وچ ۾ مراد کي نه ڏٺو ته اوڇنگار ڏئي روئي ڪُرسي تي بي ستو ٿي ڪري پيو  مون چاچا محمد صلاح کي ڀاڪر پائي  چيو چاچا اسان به مراد جا دوست تنهنجا ٻچا آهيون

ڏُونگَـرَ! ڏُکويُنِ کي، دِلاسا ڏِجَنِ؛

گَھڻو پُڇِجي تِن کي، جِن وَٽان هوتَ وَڃَنِ؛

تُون ڪِئن سَندا تن، پَهَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين؟

شايد اسان جي انهن لفظن سان چاچا محمد صلاح کي ڪجهھ وقت لاءِ  حوصلو ضرور مليو هوندو  پر جڏھن مراد کي گهر جي اڱڻ تي گهمندي ڦرندي نه ڏسندو هوندو ته سندس ان يادن سان ڪيئن منهن ڏيندو هوندو ڪراڙپ ۾ بهادر انسان چاچا محمد صلاح کي جوان پُٽ جو وڇوڙو  ڪيئن تڙپائيندو هوندو چاچا محمد صلاح وقت کي ڪيئن ريجهائيندو هوندو ڀٽائي جي هن شعر وانگر ته

ٻَئِي ويٺا رُوَنِ، ڏُکِي ڏُونگَـرَ پاڻَ ۾؛

ڪنهن کي ڪِين چَوَنِ، مَنجِھنِ جو پِرِيتَڻو.

محمد مراد جي وڇوڙي سان وارھ ۾ تمام وڏو خال پيدا ٿيو آھي محمد مراد جي ڪيل جدوجهد هميشه ياد رهندي.  ڌڻي اسان کي به اها همٿ ڏيندو ته مراد جي خاندان سان هر وقت گڏ ھونداسين جيئن مراد اسان سان هر وقت گڏ هوندو هيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.