سنڌ ۾ مڇي جي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ

جميل چانڊيو

دنيا جي وڌندڙ آبادي سبب ڏينهون ڏينهن کاڌ خوراڪ جي کپت وڌي آهي، هڪ طرف انسان ذات پنهنجي جياپي لاءِ خوراڪ پنهنجي وس آهر استعمال هيٺ آڻي ٿو ته ٻئي پاسي مٿئين طبقي جي ماڻهن پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ خوراڪ ضايع ڪن ٿا، خوارڪ جو بندوبست حڪومت کي جنهن رٿابندي ذريعي گڏ ڪرڻ يا زراعت، آبي جيوت ذريعي پنهنجي ملڪ جي عوام تائين بغير ڪنهن روڪ ۽ رنڊڪ جي پهچائڻي آهي سا رٿابندي نه وفاق ۾ نظر ٿي اچي نه ئي وري صوبائي حڪومتون ڪو خاطر خواهه بندوبست ڪري سگهيون آهن، گذريل تحريڪ انصاف جي حڪومت جي دور ۾ جتي زراعت کي هٿي ڏياريندڙ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي جنهن سبب ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار پنهنجي حدف کان گهٽ رهي، اهڙي طرح مڇي جي نجي صنعت به هن آتاب جو شڪار رهي، سنڌ حڪومت کي مڇي جي صنعت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ جيڪي حڪومتي فنڊ ملن ٿا تنهن جو لاڀ نجي طور فش فارمرن تائين ملي نه ٿو سگهي.

تازو موتمار برساتن سبب سنڌ جي نجي فش انڊسٽريز مڪمل طور تباهي جي ڪنڌي تي پهچي چڪي آهي، ڪجهه وقت اڳ جڏهن سنڌ اندر پاڻي جي سخت کوٽ به مڇي جي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، نجي فش فارمرن کي مالي طور تي تمام وڏو ڌڪ رسيو مٿان تازي برساتن به هن اهم صنعت کي ختم ڪري ڇڏيو، مڇي جي پيداوار ملڪي توڙي پرڏيهي اماڻي ملڪ  کي هڪ وڏو ناڻو ملندو آهي، مڇي جي پيداوار جي گهٽ ٿيڻ سبب ايندڙ سياري مارڪيٽ اندر مٺي پاڻي جي زخيرن مان پيدا ٿيندڙ مڇي جي کوٽ ۽ ان جو قيمتون آسمان سان ڳالهائينديون، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت هن اهم خوراڪ کي بنگلاديش، ايران مان گهرائڻو پوندو، سنڌ جي ضلعي بدين، ٺٽو، لاڙڪاڻو،ڪشمور جتان لکين ٽن مڇي جي پيداوار فش فارمرن ذريعي ٿئي ٿي جيڪا هن وقت گهوٽالي جو شڪار آهي، مڇي جي صنعت کي بچائڻ لاءِ فش فارمرن ايسوسيئيشن سنڌ حڪومت کي مڇي جي پيداوار ۾ درپيش مسئلن ۽ نقصانن بابت انگ اکر تحريري طور تي ڏنا آهن.

سنڌ حڪومت کي گهرجي مڇي جي هن اهم صنعت کي بچائڻ لاءِ فش فارمرن لاءِ ايندڙ سرڪاري فنڊ جاري ڪيا وڃن، فارمرن کي سرڪاري فشريز کاتي جي هيچريز مان مڇي جو ٻج ۽ فيڊ ڏني وڃي ته جيئن نجي مڇي جي پيداوار کي هٿي ملي سگهي ۽ ملڪ جي عوام کي کائڻ لاءِ تازي مڇي ۽ ايڪسپورٽ ذريعي حڪومت کي مالي مدد ملي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.