چور چور چوندڙ پاڻ ”چور“ نڪتو

نذيرسومرو

چور چور ڪندڙ به هڪ چور نڪتو. اليڪشن ڪميشن نيٺ پنهنجو فيصلو ڏيئي ڇڏيو. فيصلي مطابق پارٽيءَ کي ٻاهرين ملڪن منجهان مدد يعني فارين فنڊ به مليا ته ممنوعه فنڊ به مليا. عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ جيڪي حلف ناما جمع ڪرايا اهي به غلط هئا. حلف ناما جنهن ۾ قسم کڻي چيو ويندو آهي ته هن ۾ جيڪي ڪجهه لکيل آهي اهو مون پڙهيو ۽ سمجهو آهي ۽ مان قسم کڻي چوان ٿو ته هن ۾ لکيل لفظ به لفظ سچ آهي. جيڪڏهن حلف نامو ڪوڙو ته حلف نامي تي پنهنجي صحيح ڪري جمع ڪرائيندڙ به ڪوڙو ۽ بدديانت. جيڪڏهن اهو بدديانت ته پوءِ  چار سال وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ان جو ويهڻ به غلط. جيڪڏهن ويهڻ غلط ته سڀ فيصلا به غلط. پوءِ  ملڪي عوام جي مٿان جيڪي فيصلا مڙهيا ويا انهن جو ازالو ڪيئن ٿيندو ۽ ڪير ڪندو.

ان ۾ اسان جي عدالتي نظام جي ۽ اليڪشن ڪميشن جي به ڪا ڪوتاهي آهي يا نه! جڏهن اوهان وٽ هڪ ڪيس آيو آهي ته ان جو فيصلو ڪريو ۽ اهو فيصلو جلد ٻڌايو. ان ۾ ٿيندڙ ڪوتاهي جو ذميوار ڪير؟

چون ٿا ته ملڪ جي وڏي ۾ وڏي اسيمبليءَ جو نائب اسپيڪر پنهنجي حلقي مان حق انصاف سان کٽي ڪونه آيو هو. هزارين ووٽ ڪوڙا هئا. نادرا تصديق ڪئي ته هٿن سان گڏ پيرن جا آڱوٺا به هنيا ويا. اهو فيصلو به اڃان تائين ناهي آيو يعني هڪ ماڻهو اسيمبلي ميمبر جو قسم کڻي نائب اسپيڪر جي ڪرسيءَ تي ويٺو. اهو چار سال اتي ڪهڙي حيثيت ۾ ويٺو رهيو. چار سال نائب اسپيڪر جي ڪرسيءَ تي ويهڻ دوران جيڪي فيصلا هن ڪيا انهن جو ذميوار ڪير هوندو.

رڳو هي ٻه ڪيس ڪونه آهن هر ٿيندڙ اليڪشن ۾ ڪيتريون ئي پٽيشنون داخل ٿينديون آهن پر انهن جا فيصلا به ائين ئي رولڙي ۾ هوندا آهن يا جيڪڏهن ڪنهن نتيجي تائين پهچبو به آهي ته فيصلا محفوظ هوندا آهن تان جو ٻي اليڪشن اچي ويندي آهي ۽ قصو ختم سمجهيو ويندو آهي.

پي ٽي آءِ خلاف به فيصلو محفوظ هو جيڪو هاڻي ٻڌايو ويو. عام ماڻهو اڃان تائين اهو سوال پڇي رهيو آهي ته فيصلو ٿي چڪو هو ته پوءِ  ڪير ان کي روڪي ويٺو هو. هن سوال جو جواب ڪوبه ڪونه پيو ڏئي. فيصلي موجب ٻاهرين ملڪن منجهان سرنديءَ وارن خيرات طور جيڪا رقم ڏني اها پارٽِي هلائڻ لاءِ  ڪم آندي ويئي. ملندڙ خيرات عرف چندو هندستاني اسرائيلي ملڪن جي ڪمپنين سميت دنيا جي چوٽيهن ملڪن مان آيو. هڪ ٻيو سوال جيڪو عام ماڻهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته ان ملندڙ چندن جي بدلي ۾ هن پارٽيءَ انهن کي ڇا ڏنو يا انهن لاءِ  ڪهڙو ڪم ڪيو. اصل سوال اهو ئي آهي ڇو ته دنيا جا ٻيا ملڪ ڪهڙي سبب ايترا پيسا ڏيندا.جواب اهو ئي آهي ته هن همراهه جي وقت ملڪ جي ڪهڙي صورت وڃي بيٺي هئي دنيا اڳيان. جيڪڏهن اها صورت دشمن ملڪن لاءِ  فائدي واري آهي ته پوءِ  يقين سان اهي پيسا ڏيندڙ پنهنجو لاڀ وٺي چڪا.

اها ڳالهه مان يا اوهان ڪونه پر سموري دنيا سمجهي ورتي هئي ته هي ملڪ دنيا ۾ اڪيلائي جو شڪار اڳي کان وڌيڪ ٿيندو پئي ويو. ملڪي پرڏيهي پاليسي جيڪا اڳي به ڪا شانائتي ڪونه رهي آهي هن همراه جي وقت ايتري بدنام ٿي جو ڪو ملڪ هن کي دوست ملڪ چوڻ لاءِ  تيار ڪونه هو. ڪيترا دفعا حڪمران ٽولي جا بيان اچي چڪا ته چائنا هاڻي اسان جو اهڙو دوست ڪونه رهيو آهي جهڙو اڳ هو، سعودي عرب، متحده عرب امارات، ايران وغيره به ان ئي لائين ۾ شمار ٿيندا رهيا جيڪي اڳي اسان جا دوست ملڪ هئا. پي ٽي آءِ وارا روس سان پنهنجن لاڳاپن جو ذڪر وڏي ڪاميابي سمجهندا آهن جيڪو به سچ ڪونهي يا ائين کڻي چئجي ته اهي دنيا جي ملڪن جي هڪ ٻئي سان لاڳاپن بابت علم جو ادراڪ بنهه ڪونه رکندڙ آهي. رڳو هڪ سوال جو جواب ذهن ۾ رکي ان ڳالهه جو جواب ڳولهي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن اڄ به هندستان ۽ پاڪستان جي دوستيءَ لاءِ  ڪنهن ملڪ کان ان جو انتخاب پڇا ڪجي جيڪڏهن هو اسان جي ملڪ جو نالو کڻي ٿو ته بس نه ته ڳالهه کي ٻئي ڪنهن انداز ۾ سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن چين ڀارت لاڳاپا ڪنهن طور تي سٺا ٿي وڃن ٿا ته پوءِ  چين پاڪستان کي ايتري ئي اهميت ڏيندو اوهان ان جو جواب ڏئي ڏسو ڳالهه سمجهڻ اڃان وڌيڪ سولي هوندي.

پرڏيهي پاليسيءَ ۾ مات کائيندڙ پي ٽي آءِ وارا داخلا پاليسيءَ ۾ ان کان وڌيڪ ناڪام رهيا. ملڪي اقتصادي صورتحال اتي وڃي بيٺي جو غربت جي ليڪ کان هيٺ گذاريندڙن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. شين جي اگهن ۾ سئو سيڪڙو واڌ به ڏسڻ ۾ آئي. ملڪي ڪرنسي روپيو هڪ ڪاغذ واري حيثيت ۾ اچي پهتو.ته پوءِ  ٻاهرين ملڪن جي ڪمپنين کي ۽ ملڪن کي هڪ روپئي عيوض ٻن روپين جو فائدو ڏيندڙ هي همراهه انهن جا قرض لاهي چڪو.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.