ملڪ جو ھيءُ سياسي دنگل ڪٿي دنگ ڪندو؟

"راز"علي گل ڀٽو

پاڪستان جي سياسي آکاڙي ۾سياسي ملاکڙو ته قيام پاڪستان کان وٺي جاري آھي،جيڪو ڪڏھن مختصرته ڪڏھن طويل ٿيندو آھي، اھڙو ھڪ ملاکڙو اڄ به ڪپتان۽حڪومتي اتحاد وچ ۾  جاري آھي، ان ۾فرق اھو آھي ته وقت بوقت ملاکڙو لڳرائيندڙ ۽ ان ۾کيڏندڙ پھلوان مٽبا رھندا آھن،ھن تازي ملاکڙي جي شروعات عمران خان جي خلاف ٽي مھينا اڳ ۾پيش ٿيندڙ تحريڪ بي اعتمادي کان شروع ٿي،جنھن جو مظاھرو ان ڏينھن کان وٺي اڄ ڏينھن تائين جاري آھي، تحريڪ پيش ٿيڻ کان پوءِ  ان وقت جي اسپيڪر اسد قيصر استعيفا ڏئي ڇڏي،ڇو ته ان خلاف به عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ٿيل ھئي،اھڙي حالت۾قومي اسيمبليءَ جون واڳون ايوان ۾ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوريءَ سنڀاليون،جيڪو ايوان جو سنڀاليندڙ بجاءِ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جو ظاھر ظھور طرف دار ٿي بيٺو،مختلف طريقن سان تحريڪ عدم اعتماد اڳيان رنڊڪون وجھندو رھيو،ڪڏھن اجلاس ملتوي ڪري ڇڏڻ ،ڪڏھن اجلاس ۾نه اچڻ جا جڳاڙ اختيار ڪيا،ايتري ۾پي ٽي آءِ جي پنجٽيھن قومي اسيمبليءَ ميمبرن حڪومتي اثر کان بچڻ لاءِ  بغاوت ڪري سنڌ ھائوس اسلام آباد ۾پناهه ورتي،جتي ھو تقريبن ھڪ ھفتو رھيا،ان وچ ۾  پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سنڌ ھائوس تي حملو ڪيو،جنھن کي انتظاميا ناڪام بڻايو.

مخالف ڌر جڏھن محسوس ڪيو ته انھن پنجٽيھن پھلوانن جي کيڏائڻ سان انھن جي نااھلي ٿي سگھي ٿي،ته پوءِ  انھن عدم اعتماد جي راند۾کيڏائڻ لاءِ  ٻين رانديگرن جي تلاش شروع ڪئي وئي،ان لاءِ  بلوچستان عوامي پارٽي (باپ)بلوچستان نيشنل پارٽي،متحده قومي موومينٽ،ڪيو ليگ۽آزاد اميدوارن جي مدد حاصل ڪئي وئي،اھي ڌريون اڳ ۾ڪپتان جون اتحادي ھيون، انھن پھلوانن کي قومي اسيمبليءَ جي ميدان۾لاٿو ويو،ان وقت جي ريفري(وچ واري)ڊپٽي اسپيڪر تحري کي رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان فيصلي جي خلاف مخالف ڌر اپيلون کڻي سپريم ڪورٽ۾وئي،ان کان اڳ۾عمران خان ڏٺو ته مخالف ڌر ميدان ماريون ٿي وڃي ته ھن صدر کي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جو مشورو ڏنو۽صدر جلديءَ۾اسيمبلي ٽوڙڻ جو حڪم صادر ڪري ڇڏيو،ان حالت ۾ڪپتان کي اھڙي مشوري ڏيڻ جو ڪو اختيار نه ھيو،ڇو جوان خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ٿيل ھئي،جيڪڏھن عام چونڊن ڪرائڻ ۾ڪپتان سنجيده ھيو ته کيس تحريڪ کان اڳ ۾قومي ۽ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون اسيمبليون ٽوڙي ڇڏي ھا،انھن حالتن کي ڏسندي سپريم ڪورٽ مخالف ڌر اتحاد جون اپيلون منظور ڪندي اسپيڪر،ڊپٽي اسپيڪر،وزير اعظم۽صدر جي کنيل قدمن کي غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو۽عدم اعتماد تي راءِ شماري ڪرائڻ جو حڪم ڏنو،جيڪا بعد۾ ڪامياب وئي،جڏھن ته ڪپتان راشماريءَ جو بائيڪاٽ ڪيو،جنھن ڪري تحريڪ ھڪ طرفي ڪامياب ٿي وئي،ان جي جواب۾پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾اپيل کڻي ويئي،جيڪا رد ڪئي وئي،ان موٽ۾ڪپتان پنھنجن ميمبرن سميت قومي اسيمبليءَ تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون۽اسيمبليءَ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو،ان فيصلي سان ھن پنھنجو پاڻ کي وڏو سياسي ڌڪ ھنيو،جنھن جي نتيجي۾ شھباز شريف مخالف ڌر جي اميدوار طور وزير اعظم چونڊجي ويو،ان طرح ڪپتان سموري سياسي پارلياماني نظام کان لا تعلق ٿي ويو.

ٻئي طرف گڏيل اتحادي حڪومت اسيمبليءَ مان ڪيئي آئيني ترميمون منظور ڪرائي ورتيون،سياڻو سياسي اڳواڻ ڪوبه سياسي مورچو خالي نه ڇڏيندو آھي،پارليامينٽ جي اندر۽ٻاھر سياسي جنگ وڙھي ويندي آھي،ڪپتان ھمشه پارلياماني مورچو خالي ڇڏي لڙڻ کي پنھنجو ھٿيار بڻايو آھي،جنھن جو کيس ڪافي نقصان به پيو آھي،ھيڏي وڏي پارٽي اڄ پارليامينٽ کان ٻاھر آھي،جيڪڏھن پارليامينٽ جي اندر ھجي ھا ته موجوده حڪومت لاءِ  گھڻيون مشڪلاتون پيدا ڪري ھا،ان پارليامينٽ ئي ته کيس وزير اعظم بڻايو ھيو، پر پنھنجي غرور۽ضدي ھٺ جي ڪري ھن ڪڏھن به پارليامينٽ کي اھميت ناھي ڏني،ھن وقت ملڪ نھايت ئي ۾ مشڪل سياسي۽معاشي حالتن مان گذري رھيو آھي،جنھن ڪري ملڪ کي سياسي يڪجهه تيءَ جي سخت ضرورت آھي،ڪڏھن ڪڏھن رياست کي سياست تي فوقيت ڏيڻي پوندي آھي.

ھن وقت حالتن پٽاندر حڪومت۽مخالف ڌر کي ڳالھين جي ميز تي ھجڻ گھرجي ھا،ڇو ته ڳالھيون ئي مسئلن جو حل ھونديون آھن،جنگ جو انجام به آخرڪار ڳالھيون ئي ھندو آھي،پر  ڪپتان ڪنھن به مخالف سياسي اڳواڻ سان ڳالھين جي ميز تي ويھڻ ته وڏي ڳالھ آھي،پر ڪنھن مخالف سان ھٿ ملائڻ لاءِ  به تيار ناھي،ھن سياسي مخالفت کي ذاتي دشمنيءَ۾بدلائي ڇڏيو آھي،ھن ھر وقت ڏاڍ۽سينا زوريءَ وارو رويو رکيو آھي،ھٺ۽غرور کيس وڏو سياسي نقصان پھچايو آھي۔ھن بدران ٽياڪڙ ڳالھيون ڪري کيس ماحول جوڙي ڏيندا آھن،ڪپتان ھميشه اڪيلي پرواز ڪرڻ جو شوقين آھي،اڪيلي پرواز جا سياسي فائدي بجاءِ نقصان وڌيڪ ھوندا آھن،سياست ڳالھه ٻولهھ ۽ درگذر جو نالو آھي،پر  ڪپتان اھو ھنر سکيو ئي ناھي،ڪپتان جي ھر تقرير بنا موقعي مھل جي مخالف ڌر واري اڳواڻ واري ھوندي آھي،سندس رويو بڻائي رکڻ بجاء ڦٽائي رکڻ وارو ھوندو آھي،ملڪ۾جيڪو ھينئر معاشي۽سياسي گھوٽالو آھي،ان جو حل اڪيلي سر ڪنھن به سياستدان وٽ ڪونھي،چار سال ڪپتان به پاڻ کي آزمايو،وري حالتون موجوده حڪومت جي وس کان به ٻاھر پيون لڳن۔

ھن وقت سياسي اڳواڻن جي ڳالھه ٻولھه جي ملڪي سياست ۽معيشت کي سخت ضرورت آھي،ارڙھين آئيني ترميم۽ان جي روشنيءَ۾سپريم ڪورٽ جي فيصلي غير جمھوري۽اڻ سڌيءَ مداخلت جا رستا ته بند ڪري ڇڏيا آھن،پر  ملڪي سيڍستدانن اڃان تائين عادتن موجب ھيڏي ھوڏي۽غيبي طاقتن ڏانھن واجھائڻ ناھي ڇڏيو،جيسيتائين سياستدان پنھنجا فيصلا پاڻ نه ڪندا۽پنھنجي قوت جو مرڪز پارليامينٽ کي نه بڻائيندا تيسين گلا جو گھانگھو سندن ڳچيءَ مان نه نڪرندو، جڏھن سڀني سياستدانن کي اھا ڀليءَ ڀت خبر آھي ته کين ھن ئي ملڪ۾رھي سياسي ملاکڙا کيڏڻا آھن ته پوءِ سياسي پھلوانن کي ھڪٻئي کي برداشت ڪرڻو ئي پوندو۽پنھنجي پنھنجي داءُ ۽ وڍري جو انتظار ڪرڻو پوندو.

ھڪ سياستدان پارٽيءَ جي غلطي سموري سياست۽ملڪ کي ڀوڳڻي پوي ٿي، رڳو ھڪٻئي کي کي گھٽ ڏيکارڻ واري ڊوڙ۾ملڪ۽عوم جو ڏيوالو نڪري رھيوآھي،ھر پارٽي پاڻ کي پارسا۽ ٻئي کي گنھگار ڄاڻائڻ جي چڪر۾اڳري آھي،جيترو وقت ۽ پئسو ھڪٻئي جي مخالفت ۾خرچ ڪيو وڃي ٿو ، جيڪڏهن  اھو سڀ ڪجهه  عوام۽ملڪ جي ڀلائيءَ تي لڳايو وڃي ته ملڪ ۽ قوم جا الاھي مسئلا خود بخود حل ٿي وڃن،عوام ڄڻ ھر سياسي ڌرمان بيزارٿي چڪو آھي، عوام وٽ چونڊڻ لاءِ  ھاڻي ڪجهھ نه بچيو آھي، ان ڪري خلق خدا ڪنھن اڻ ڏٺي شخص۽معجزي جي انتظار۾آھي، ٿوري ٿوري ذاتي خوشي۽مفاد  تي ملڪ وقوم جي مفاد کي قربان ڪرڻ ۾عيب نٿو سمجھي، جيڪڏھن اسان جون سياسي ڌريون آمريڪا، ڀارت ۽ اسرائيل سان ڳالھيون ڪري سگھن ٿيون ته انھن ڌرين کي پاڻ ۾ڳالھائڻ کان ڪھڙو شيطان روڪي رھيو آھي،ملڪ ۾روز نئون تماشو ڪيو ٿو وڃي، عوام ھاڻي اھڙن تماشن کان بيزار ٿي چڪو آھي،جنھن ۾ملڪ وقوم بجاءِ ڪنھن سياسي ڌر جو وات مٺو ٿيندو ھجي، قانون ۽ آئين ۾ھر اداري جون حدون مقررآھن ته ڪنھن کي به انھن کي اورانگھڻ نه گھرجي،ملڪي عوام جي حالت ھاڻي ملاکڙي جي ٻانھينءَ ۾بيٺل انھن ماڻھن جھڙي آھي جن جا کيسا ميدان ۾لٿل سياسي پھلوان ڪپي ويا ھجن۽جيڪي سياسي پھلوانن جا داؤ پيچ ڏسڻ بجاءِ پنھنجا خالي کيسا ڏسندا ھجن، ان ڪري سياستدانن کي صرف پاڻ سنوارڻ جي عادت ڇڏڻ گھرجي۔

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.