ٺل ڀرسان مدرسي مان نينگر جو ڦاهو لڳل لاش هٿ، ڀيڻ پاران قتل جو شڪ

ٺل(رپورٽ: سيد زين شاهه )ٺل ڀرسان نينگر جو مدرسي ۾ ڦاهو لڳل لاش هٿ،نينگر جي ڳچي ۾ ڦاهي جا نشان،مدرسي جي استاد لاش کڻائي وارثن وٽ پهچايو،وارثن پاران قتل جو شڪ،اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي تفصيل ورتا،پوسٽ مارثم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي،نينگر جي وارثن پاران معاملي جي شفاف جاچ ڪري ملوث جوابدارن جي خلاف ڪاروائي جي گهر،خبر موجب ٺل ڀرسان ڳوٺ گلشير ڪنراڻي ۾ پڙهندڙ ٺل جي مزاري لاشاري ڀرسان جو رهواسي 15 ورهين جي نينگر مظفر علي ولد محمد جعفر سومرو جو مدرسي مان ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو آهي،ڪالهه ڳوٺ گلشير ڪنراڻي جي مدرسي مان 15 ورهين جي نينگر مظفر علي جو لاش گڏ پڙهندڙ شاگردن ڪمري ۾ ڏٺو جنهن بعد مدرسي جا استاد ۽ ڳوٺاڻن گڏ ٿي ويا، جن لاش کي کڻائي ٺل جي مزاري لاشاري محلي ۾ نينگر جي وارثن وٽ کڻائي آيا،نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو.سندس امڙ لاش کي چنبڙي بيهوش ٿي وئي، جنهن کي بعد ۾ هوش ۾ آندو ويو. اطلاع ملڻ تي ٺل ۽ ڳڙهي حسن جي پوليس پهچي وئي،ٺل جي مزاري لاشاري محلي ۾ ڪالهه اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ايس ايڇ او سعيد احمد جماڻي پهچي ڪري معاملي جي تفصيل ورتا،جڏهن ته ايس ايڇ او ڳڙهي حسن علي محمد اوڍو ڳوٺ گلشير ڪنراڻي ۾ مدرسي ۾ پهچي معاملي جا تفصيل ورتا،جنهن بعد نينگر جو لاش کڻائي ٺل جي تعلقي اسپتال ۾ آندو جتي نينگر جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،ابتدائي رپورٽ موجب نينگر جي ڳچي تي ڦاهي جا نشان لڳل آهن،وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي،ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نينگر جي ڀيڻ صفيه خاتون ٻڌايو ته اسان جي نينگر مظفر کي مدرسي ۾ قتل ڪيو ويو آهي،معاملي جي صحي نموني ۾ جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي،نينگر جو والد فوت ٿي ويو،15 ورهين جو نينگر خودڪشي ڇاجي لاءِ ڪندو نينگر کي تشدد ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو آهي،جوابدارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي،نينگر جي وارثن ممتاز علي سومرو،ڀاءُ مجاهد علي سومرو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي نينگر کي قتل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.