حڪومت ڌرين کي ڏيڻ بدران سهولتڪار بڻيل آھي: قادر مگسي

کپرو (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي کپرو لڳ ڳوٺ قاضي مبين درس پهچي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ خدابخش درس سان سندس والد حاجي مبين درس جي وفات تي تعزيت ڪئي، تعزيت ڪرڻ دوران ڊانيڪالي ڪٽر قادر مگسي صحافين سان ڳالهيندي چيوته سنڌ ۾ ھن وقت ڌارين جي ڪابه گنجائش نه آھي سنڌ حڪومت افغانين سميت ٻين ڌرين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ بدران ان جي سهولت ڪار بڻيل آھي، ڪراچي جي غازي ڳوٺ تي ٿيل چڙھائي جي جيتري  مذمت ڪجي گهٽ آھي، ايس  ٽي پي پهرين ڏينهن کان وٺي متاثر ڳوٺاڻن سان گڏ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ اسان جا اميدوار ڀرپور حصو وٺي رھيا آھن پر پ پ جي سنڌ حڪومت ھوندي شفاف چونڊن ٿيڻ  ٻٻر کان ٻير گهرڻ برابر ھوندو، ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ حيدر ملاح، هوت خان گاڏهي، حيدر شاهاڻي، ڊاڪٽر احمد نوناري، امتياز سمون، عاشق سولنگي، قادر چنا، محمد علي ابڙو، نصرت چن، ڄام شوڪت ابڙو، سرتاج ترڪ ۽ ٻيا گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.