غازي ڳوٺ جي متاثر ڳوٺاڻن جو 18 هين ڏينهن به احتجاج

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري ) عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي بلاڪ کي جي متاثر ڳوٺاڻن مطالبن جي مڃتا لاءِ 18 هين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو احتجاجي ڪئمپ تي پوليس فائرنگ ۾ زخمي ڪيل ڇهن سالن جي معصوم محمد يوسف، سميت محبوب عباسي، اعجاز سامٽيو، مبارڪ ڀٽي ، علي بخش لاشاري ،مصطفي چانڊيو، مخدوم شمس، شبير پٺاڻ ،مجيب کهاوڙ، ڊاڪٽر الطاف ميمڻ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پوليس گردي خلاف شديد نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اعجاز سامٽيو، مبارڪ ڀٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعلي سنڌ پاران ملوث عملدارن کي نالي ماتر معطل ڪرڻ ناڪافي آهي ۽ معطل ڪيل عملدار آفيسن ۾ آفيشل ڪم ڪري رهيا آهن زخمي ڳوٺاڻن جي ڪيس لاءِ ڏنل درخواست سچل پوليس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ پرامن احتجاج ڪندڙ رهواسين تي ته پوليس 7 ايف آئي آرز داخل ڪيون آهن پر بي گناهه ماڻهن کي گوليون هڻندڙ اهلڪارن مٿان ڪيس داخل نه ٿو ڪيو وڃي جيڪا سراسر ناانصافي آهي ڊاڪٽر الطاف ميمڻ چيو ته هن مهل تائين حڪومتي ڌر جو ڪو به ذميوار ڪمئپ تي نه پهتو آهي نه ئي مطالبا حل ٿيا آهن جنهن ڪري احتجاجي تحريڪ جاري رهندي جيستائين وزير اعلي سنڌ يا حڪومتي وزير اچي متاثر ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري مسئلا حل نه ڪندو تيستائين هي احتجاجي ڪئمپ جاري رهندي ۽ احتجاج جو دائرو به وسيع ڪيو ويندو متاثر ڳوٺاڻن چيو ته اسين آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعلي مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيون ٿا ته رياستي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي حق ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.