عمران خان ۾ جرئت آهي ته نيوٽرل جو نالو ٻڌائي: ن ليگ

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ جي اڳواڻ ملڪ احمد خان دعويٰ ڪئي آهي ته ڪي پي ڪي حڪومت 3 ارب رپين جي بجيٽ سوشل ميڊيا ڪارڪنن لاءِ رکي آهي، پي ٽي آءِ جي ٽرولرز ادارن ۽ فوج خلاف مهم هلائيندا آهن. ن ليگ اڳواڻ ملڪ احمد خان سوال اُٿاريندي چيو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير آمريڪي سفير سان ملي رهيو آهي، آمريڪي مخالفت ۽ رجيم چئنج وارو بيانيو ڪيڏانهن ويو؟ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ نفرت کي هٿي ڏئي رهي آهي جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي. هن چيو ته عمران خان دعويٰ ڪندو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جو نالو نيوٽرلز ڏنو، جرئت اٿس ته نيوٽرل جو نالو ٻڌائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.