ڪرونڊي ۾ برساتن کانپوءِ کجي مڪمل تباھ، آبادگارن جا لکين رپيا ٻڏي ويا

ڪرونڊي(رپورٽ: مصد چانگ) ڪرونڊي ۾ برساتن کان پو۽ کجي مڪمل تباھ ٿي وئي، خبر موجب ڪرونڊي ۾ ڳوٺ زمان خان شر ترائي پل ڳوٺ حبيب الله چانگ سان گڏ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٿيل کجي جو فصل مڪمل تباھ ٿي چڪو آھي، متاثرين جو چوڻ آھي ته برسات سبب اسان وٽ کجي جي فصل جو تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي باغن ۾ ھيئر تائين مڪمل تور تي پاڻي بيٺل آھي ھر روز تيز برساتون پوڻ جي ڪري کجي جا ڇنگا تڪ ڪٽرائي نه سگھياسين برسات ۾ کجي خراب ٿيڻ جي ڪري باغن ۾ ۽ ڀرپاسي ۾ بدبوءَ ٿي وئي آھي،  گزريل ھڪ مھيني کان لڳاتار برساتون پيون آھن خيرپور ۾ کجي سان گڏ ٻيو ڪيترو ئي نقصان ٿيو آھي خيرپور ضلعي ۾ کجي جا ٺيڪيدار مڪمل طور ٽٽي ويا آھن متاثرين جو چوڻ آھي کجي اسان جي ٻچن جي روزي آھي جيڪو سال جو فصل آھي مير محمد شر سھراب شر جاويد شر قدير شر ۽ ٻين ٻڌايو ته کجي سال جو ھڪ انمول تحفو آھي جيڪا سموري سنڌ سميت پوري ملڪ تائين تحفي ۾ پيش ڪئي ويندي آھي اسان وٽ پوري ضلعي ۾ کجي مڪمل ٿباھ ٿيل آھي کجي سان گڏ فٽي ۽ ٻيا ڪافي  سارا فصل نقصان ۾ ويا آھن اسان جي اعليٰ عملدارن کان اپيل آھي ته کجي جي سروي ڪرائي اسان سان سهڪار ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.