اسلام ڪوٽ ۾ وڄ ڪرڻ جي واقعي ۾61 ٻڪريون مري ويون

اسلام ڪوٽ(ت،ر) اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن تي ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي گجگوڙ ۽ کنوڻن جي تجلن سان برسات وئي،اُنهي سلسلي ۾ ڳوٺ ميهاري هنگورجا ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 61 ٻڪريون مري ويون،ٻڪريون مال جي وٿاڻ تي ويٺل هيون ته مٿان اوچتو کنوڻ ڪري پئي،جنهن سبب 61 ئي ٻڪريون مري ويون،ڀاڳئي نور محمد ھنڱورجو 27 ٻڪريون،حسين ھنڱورجو جون 17،منٺار جون 6،ايوب جون 2،الله بخش ۽  ھنڱورجو 9 ٻڪريون  مري ويون، 5 ٻڪريون زخمي پُڻ ٿيون،هوڏانهن ڳوٺ گوڙهيار ۾ پڻ برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ ڀاڳئي جون 5 ٻڪريون مري ويون،رات ڌير تائين تيز ۽ هلڪي برسات جو سلسلو جاري هو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.