رهڙڪي ڀرسان استاد مبينا اغوا، 50 لک ڀنگ طلب

رهڙڪي (رپورٽ: رفيق سميجو) رهڙڪي ويجهو ڳوٺ نئون ڪوٽ جو رهواسي استاد عبدالحليم چنا مبينا اغوا وارثن کان 50 لک ڀنگ طلب پوليس خاموش تماشائي رهڙڪي جي علائقي مان هي چوٿون نوجوان اغوا ٿي ويو، ان موقعي تي سندس والد عبدالمجيد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  سندس پٽ عبدالحليم چنا پرائمري گورنمينٽ اسڪول ٽيچر آهي جيڪو  3  ڏينھن  کان گم ھو ڏهرڪي مائيڪرو فنانس بئنڪ کان پگھار وٺڻ ويو ويو جنهن جي موٽرسائيڪل به مائيڪرو فنانس بئنڪ جي اڳيان بيٺل ملي آهي، پھريان سندس گھر واري ڏي ڪال آئي تـ مونکي سندس پوليس وارا کنيون پيا وڃن  ۽  اڄ عبدالحليم چنا جي نمبر تان ڌاڙيلن پاران 50 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آھي، سندس وارثن جو چوڻ آھي ته اسان پاڻ غريب آھيو گھر ۾ کائڻ لاء ڪجھ ناھي فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون، نوجوان جي والد پاران ايس ايس پي گهوٽڪي گهوٽڪي کان معاملي جو نوٽيس وٺي نوجوان بازياب ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.