ٺل ۾ هڪ خون ۽ لاش جي تذليل جو جرڳو، جوابدار تي هڪ ڪروڙ 56 لک رپيا ڏنڊ

ٺل(رپورٽ: سيد زين شاهه )ٺل ڀرسان بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو، خون ثابت ٿيڻ تي هڪ ڪروڙ 56 لک روپيه ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ، خبر موجب ٺل ڀرسان ڪريم بخش کوسو ٿاڻي جي حد ۾ هڪ سال اڳ قتل ٿيل ڳوٺاڻي غلام مرتضيٰ بنگلاڻي جي خون جو جرڳو ڪريم بخش کوسو ۾ مقدم ولي محمد بنگلاڻي جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ مقتول غلام مرتضيٰ بنگلاڻي جي ڌر پاران تاج محمد بنگلاڻي ۽ جوابدار ڌر جي دلمراد بنگلاڻي جي بيان ٻڌا ويا، جنهن ۾ جرڳي جي سرپئنچ پاران خون ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڌر دلمراد بنگلاڻي جي مٿان 60 لک روپيه لاش جي تذليل ڪرڻ، 30 لک پوليس خرچ، 50 لک اڳرائي ڪرڻ ۽ 16 لک خون جو عيوضو مقرر ڪندي مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 56 لک روپيه ڏنڊ مقرر ڪيو، جنهن مان جهولي جهلڻ تي جرڳي وقت 20 لک روپيه معاف ڪيا ويا، جوابدار ڌر پاران 9 لک روپيه موقعي تي ادا ڪيا ويا، بقايا رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو. ياد رهي ته هڪ سال اڳ ڳوٺاڻي غلام مرتضيٰ بنگلاڻي کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي واهه ۾ اڇلايو تذليل ڪئي وئي هئي.جنهن جو ڪيس ڪريم بخش ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، جنهن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، جرڳي ذريعي ٻنهي ڌرين جي هلندڙ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.