ڪڻڪ خريداري معاملو، وڌيڪ اگهه تي ٽينڊر رد

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ روس کان حڪومتي سطح تي ڪڻڪ خريداري واري معاملي جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي روس کان 390 ڊالر في ميٽرڪ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. روس طرفان وڌيڪ اگهه جي مطالبي جي صورت ۾ ٽينڊر رد ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اي سي سي کي بريفنگ ڏني وئي ته عالمي منڊي ۾ ڪڻڪ جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، روس پاڪستان کي 410 في ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. ناڻي وزارت موجب وزيراعظم طارق فاطمي جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪئي هئي، ڪاميٽي روسي سفارتخاني کان ڪڻڪ جي خريداري لاءِ ڳالهيون ڪيون، روس بعد ۾ 405 ڊالر في ميٽرڪ ٽن جي آڇ ڪئي هئي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان روس کي 399.50 ڊالر في مٽرڪ ٽن اگهه جي تجويز ڏني، پاڪستان روس کان هڪ لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ چاهي ٿو.03

 خانصاحب ٻڌائي ته ڪيناڊا ۾ گڏ ٿيل 3 لک ڊالر ڪاڏي ويا: فوزيا قصوري

اسلام آباد( م ڊ) پاڪستاني تحريڪ انصاف جي باني رڪن فوزيه قصوري پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. سوشل ميڊيا تي فوزيه قصوري جي خانگي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو جي هڪ ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي جنهن هن عمران خان ٽورنٽو تقريب ۾ گڏ ڪيل 3 لک ڊالرن بابت سوال ڪيو. فوزيه قصوري جو چوڻ هو ته ٽورنٽو ٿيل تقريب ۾ عمران خان ۽ مان موجود هئاسين. تقريب ۾ خان صاحب پاڻ چيو هو ته 3 لک ڊالرز گڏ ٿيا پر بعد ۾ سڄو سال خبر نه پئي ته اها رقم ڪيڏانهن وئي؟ اسان اي ميل ذريعي کائنس رقم بابت پڇندا رهياسين پر ڪو به جواب نه مليو. فوزيه قصوري فارين فنڊنگ تي پي ٽي آءِ جي موقف بابت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه اڪائونٽ عمران خان جي نالي تي کليا آهن، سندس نالي سان پئسا ڊپازٽ ٿي رهيا آهن ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته عمران خان کي خبر ناهي؟ پهرين ڳالهه خان صاحب تمام گهڻي غلط بياني ڪندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.