عدليا کي پارليامنٽ چيمبر ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي: حڪومت/معيشت تباهه آهي، عدالت کي عوامي مفاد به ڏسڻا آهن: چيف جسٽس

اسلام آباد ( م ڊ) سُپريم ڪورٽ نيب قانون ۾ ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي نيب کان  لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ نيب قانون ۾ ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سپريم ڪورٽ نيب ترميمن تي نيب کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته نيب قانون ۾ تمام گهڻيون ترميمون ڪيون ويون آهن، نيب قانون ۾ ڪيل ترميمون  سٺيون به آهن. پي ٽي آءِ جي وڪيل خواجا حارث چيو ته موجودا ترميمون آئيني مينڊيٽ جي ڀڃڪڙي آهي، عدالت آئيني ترميم کي بنيادي آئيني ڍانچي سان ٽڪراءَ هئڻ تي ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي. جسٽس منصور علي شاهه سوال ڪيو ته آزاد عدليا آئين جي بنيادي ڍانچي ۾ شامل آهي، نيب ترميمن سان عدليا جو ڪهڙو اختيار گهٽجي ويو آهي؟ جسٽس اعجاز الحسن چيو ته توهان جو موقف آهي نيب ترميمن سان احتساب جي اختيارن کي گهٽايو ويو آهي، ڇا احتساب پارلياماني جهموريت جو حصو آهي، خواجا حارث جواب ڏنو ته گڊ گورننس لاءِ احتساب ضروري آهي، احتساب کانسواءِ گُڊ گورننس جو تصور نٿو ڪري سگهجي، نيب ترميمن سان ٻڌڻي هيٺ ڪيس غير موثر ٿي ويا آهن. ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه  پي ٽي آءِ جي وڪيل کان سوال ڪيو ته توهان ڪجهه ترميمن کي هڪ سطح تائين آڻڻ جو چئي رهيا آهيو، سڀاڻي حڪومت نيب کي ئي ختم ڪري ڇڏي ته ڇا توهان نيب جي بحالي لاءِ ايندئو؟ ان تي خواجا حارث چيو ته نيب ترميمن سان اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارا ڪيس ختم ٿي چڪا آهن. چيف جسٽس چيو ته آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس احتساب لاءِ ضروري آهي، ننڍي ننڍي هائوسنگ سوسائيٽز ۾ ماڻهن هڪ ٻن پلاٽن جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيا. جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪائي رٿا ناڪام ٿيڻ تي لاڳاپيل سرڪاري آفيسر گرفتار ٿي ويندا هئا، گرفتاريون ٿينديون رهيون ته ڪهڙو آفيسر ملڪ لاءِ فيصلو ڪندو، نيب ترميمن سان ڪوئي ڏوهه به ختم ناهي ٿيو ۽ فيصلا سازي تي به گرفتاري نٿي ٿي سگهي. جنهن پي ٽي آءِ جي وڪيل جواب ڏيندي چيو ته ترميمن کانپوءِ سمورا ڪيس عدالتن مان خارج ٿي ويندا. جنهن جسٽس منصور علي شاهه  چيو ته قانون پارليامنٽ مان منظور ٿيو آهي ان جو احترام به ضروري آهي، ترميمون ڪنهن آئيني شق سان ٽڪراءِ ۾ نظر نه پيون اچن، توهان موجب نيب ترميمون آئين جي بنيادي ڍانچي جي هڪ حصي مطلب احتساب خلاف آهن، مان ان سان متفق ناهيان. خواجا حارث جواب ڏنو ته بنيادي ڍانچي جو تصور موجود آهي توهان چاهيون ته ماضي جا عدالتي فيصلو واپس وٺي ڇڏيو. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ڄاڻايل نيب ترميمن ۾ پرڏيهي قانوني سهڪار جي حقن واري معاهدي تحت ملندڙ  ثبوت قبول جوڳا ناهن، جيڪڏهن هن ڪيس ۾ بنيادي حق متاثر ٿيڻ وارو معاملو آهي ته ٻڌنداسين نه ته اهو عدالت جو اختيارين واري دائري ۾ نٿو اچي، اڄ جيڪا حڪومت آئين ان پنهنجا گناهه معاف ڪرائي ڇڏيا ايندڙ حڪومت به معاف ڪرائي ڇڏيندي، جيڪڏهن عوام جي پئسي تي ڪرپش ڪئي وئي آهي ته اهو بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ۾ اچي ٿو، آئين ۾ طئي ٿيل ظابطن تحت قانون جو جائزو وٺي سگهو ٿا، اهو نه پيا ڏسو ته ڪنهن نيب قانون ۾ ترميمون ڪيون، رڳو بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڏسجو. جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته قانون ٺهڻ وقت پارليامنٽ ۾ اپوزيشن ان جي مخالف ڪندي آهي، جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته قانون غلط آهي ته اسيمبلي ۾ بل ڇو نٿا آڻيو؟ قانون جو ڍانچو عدالت بدران اسيمبلي ۾ بحث هيٺ اچڻ گهرجي، اهو به ٻڌايو ته نيب ملڪي معيشت ۾ ڪيترو حصو وڌو؟ ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ کي پارليامنٽ جي ٽئين چيمبر ۾ تبديل ڪرڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي، نيب جا ڪيئي ڪيس وڙهيو آهيان، معزز ججن کي خبر آهي ته آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ڇا هوندو آهي، صدر مملڪت نيب ترميمن جي منظور ڏيڻ بدران پنهنجي طرفان ترميمن جي تجويز جو خط وزيراعظم ڏانهن لکيو، اهو ڳجهو خط پڻ عمران خان جي درخواست جو حصو آهي، عمران خان کان پڇو وڃي ته پهرين هو نيب ترميمن جي حق ۾ ڇو هو ۽ هاڻ مخالفت ڇو ڪري رهيو آهي؟ جيڪڏهن عمران خان جي اها سياسي حڪمت عملي آهي ته ان لاءِ عدالت بدران ڪنهن فورم جو استعمال ڪيو. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته اسان جي معيشت هن وقت تباهي جي ڪناري تي آهي، عدالت کي عوامي مفادن کي به ڏسڻو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.