آرمي چيف جا آءِ ايم ايف قرض لاءِ سعودي ۽ يو اي اِي اختيارين سان رابطا

اسلام آباد (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه طرفان آءِ ايم ايف جي پروگرام جي حوالي سان سعودي عرب ۽ يو اي اي جي اختيارين سان رابطا ڪيا ويا آھن. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف سعودي ۽ گڏيل عرب رياستن جي اختيارين سان آءِ ايم ايف جي قرض پروگرام بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ذيعن موجب رابطن جي نتيجي ۾ پاڪستان لاءِ جلد سٺي خبر اچڻ جي اُميد آهي. واضح رهي ته آرمي چيف ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي نائب پرڏيهي وزير سان به رابطو ڪري آءِ ايم ايف مٿان قرض لاءِ دٻاءُ وجهڻ جي درخواست ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.