صدر پروپيگنڊا سبب فوجي شهيدن جي جنازي ۾ نه وڃي سگھيو

اسلام آباد (م ڊ) صدر عارف علوي لسٻيلي ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ چاهي پيو پر پاڪستان تحريڪ انصاف ٽرولرز جي شهيدن بابت زهريلي، ڪوڙي ۽ ناڪاري پروپيگنڊا سبب شرڪت نه ڪري سگھيو. ذريعن موجب صدر ان خواهش جو اظهار ڪيو هو ته بطور سپريم ڪمانڊر ۽ سربراهه هو شهيد فوجي جوانن جي جنازن ۾ شرڪت لاءِ وڃڻ چاهي ٿو پر ادارن طرفان صدر کي آگاهه ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ ٽرولرز پاران شهيدن بابت زهريلي، ڪوڙي ۽ ناڪاري پروپيگنڊا جي ڪري ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. صدر کي فيڊ بيڪ ڪيو ويو ته بهتر هوندو ته هو شهيدن جي جنازي ۾ شرڪت نه ڪري جيئن ڪو اڻوڻدڙ واقعو نه ٿي.صدر ان فيڊ بيڪ کانپوءِ شهيدن جي جنازي ۾ شرڪت نه ڪئي.

ن ليگ جو پي ٽي آءِ ڳڙهه ڪي پي ۾ گهڙڻ جو فيصلو

لاهور (م ڊ) ن ليگ مستقبل ۾ سياسي حڪمت عملي تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان پارٽي جي مستقبل جي سياسي حڪمت عملي لاءِ ن ليگ قائد نواز شريف سرگرم ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي پارٽي جي اهم اڳواڻ ساڻس رابطو ڪري مشاورت ڪئي.نواز شريف مستقبل جي سياسي حڪمت عملي ۾ پنجاب ۽ ڪي پي تي ڌيان ڇڪي ورتو آهي. ان ڳالهه تي به غور ڪيو ويو ته ايندڙ چونڊن ۾ پارٽي جو موقف ڪهڙو هوندو ۽ ڪهڙن بنيادن تي اليڪشن ۾ وڃبو. پارٽي ذريعن موجب پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ تحريڪ انصاف جو مقابلو ڪيو ويندو. قيادت کي ن ليگ جي اڳوڻي دور ۾ ڪيل ترقياتي منصوبن کي ڀرپور طريقي سان اجاڳر ڪرڻ جا نقطا شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.