حليم عادل شيخ جي سڪيورٽي ڪرڻ بابت گهرو وزارتن کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ اسيمبلي۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت وفاقي ۽ صوبائي گهرو وزارتن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت وفاق ۽ صوبائي گهرو وزارتن کان جواب طلب ڪري ورتو. درخواستگذار چيو ته سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري حليم عادل شيخ کي اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ فيبروري 2021ع ۾ گهرو کاتي کي خط لکيو هو، حليم عادل شيخ جي جان کي خطرو آهي، حليم عادل شيخ تي ڪيترائي ڀيرا حملا ٿي چڪا آهن.عدالتي حڪمن موجب سياسي اڳواڻن کي اڳ ئي سڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي، حليم عادل شيخ کي به سڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.