اختر بلوچ تاريخ نروار ڪئي، گرومندر تي قبضي جي نشاندهي ڪئي:ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽ: غلام مهدي بلوچ). صحافي ۽ ليکڪ اختر بلوچ جي ياد ۾ هڪ تعزيتي ميڙاڪو ڪالهه جمع جي شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۽ هيومن رائٽس آف پاڪستان طرفان گڏيل طور ڪلب جي هال ۾ منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي ليبر کاتي جي وزير سعيد غني خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي جي سياست تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي معاملن تي هو اختر بلوچ کان صلاح مشورو ڪندو هو، هن جي ڪراچي جي تاريخ ۽ ٻين موضوعن تي ٿيل تحقيق هڪ شاندار ڪم آهي، جيڪو هن کي هميشه زنده رکندو. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي چيو ته اختر بلوچ جو ٻيو گهر ڪراچي پريس ڪلب هو، جتان هن پنهنجي تحقيق جو ڪم جاري رکيو هو، ڪلب جي لائبريري ۾ هن جي ڪتابن جو ڪارنر ٺاهيو ويندو. ڪلب جي خزانچي عبدالوحيد راڄپر چيو ته اختر بلوچ پاڻ  به ڪتاب دوست هو ۽ دوست به ان طبعيت وارا رکندو هو. يونس مهر چيو ته اختر بلوچ ڪراچي جي تاريخي عمارتن تي انمول ڪم ڪري اسان کي ڪراچي شهر جي اصلي تاريخ کان واقف ڪرايو، مهيش ڪمار چيو ته اختر بلوچ کي پنهنجي خاندان جو به گهڻو فڪر رهندو هو، اختر سومرو چيو ته منهنجي نالي ڀائي گرومندر کي به ڳولي لڌو جنهن تي هڪ اداري قبضو ڪري اتي پنهنجي آفيس قائم ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي اختر بلوچ جي ڀيڻ نصرت، نياڻي خديجه، پروفيسر توصيف احمد، سعيد جان بلوچ، سعيد سربازي، ارباب چانڊيو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اختر بلوچ جو صحافتي ۽ تحقيق جي ميدان ۾ وڏو ڪم ٿيل آهي، جنهن کيس امر بڻائي ڇڏيو آهي، هن جو ڪم تاريخ جو هڪ حصو بڻجي ويو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.