لاڙڪاڻي ۾ جنريٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب همراهه فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني جي رهواسي 25 سالن جو نوجوان نزاڪت لهر جنريٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي پيو، جنهن کي سندس وارثن بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي فوتي نوجوان جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته نزاڪت لهر گهر جنريٽر هلائي رهيو هيو ته ان مان کيس ڪرنٽ لڳو ۽ هو بيهوش ٿي پيو، جنهن کي اسان کڻائي اسپتال آياسين، جتي ڊاڪٽر نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.