خيرپور ۾ پوليس ڪارروايون، 13 جوابدار گرفتار

خيرپور (س ر)ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ جي هدايتن تي عمل درآمد ڪندي  خيرپور پوليس ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي حد  ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران ڪاروائيون ڪيون آهن ، ايس ايڇ او ڪوٽڏيجي اسلم لغاري پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪاروائي ڪندي 2 جوابدارن ظهور ناريجو ، صدام شيخ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان مقامي اسڪول مان چوري ٿيل سامان هٿ ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي  ، ايس ايڇ او ڪنب غلام محمد بوزدار پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪاروائي ڪندي هڪ جوابدار بخت علي بوزدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي ، جوابدار جي قبضي مان 13 سئو گرام کان وڌيڪ چرس هٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ، سوڀوديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او امير علي چانگ پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪاروائي ڪري جوابدار وزير ملاح کي منشيات سميت گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ، اڪنام زون ٿاڻي جي ايس ايڇ او رحمت الله سولنگي پوليس اتالا ساڻ ڪري ڳوٺ ڦوڙي چانڊيا ۾ ڪاروائي ڪري  مشهور منشيات فروش فوجي خاصخيلي سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ وڏي مقدار ۾ هيروئن ، آئيس ، چرس ، آفيم ، ڀنگ هٿ ڪري ورتي آهي، ان سلسلي ۾ خيرپور جي مختلف ايس ايڇ اوز ۽ پوليس ٽيم لاءِ بهتر ڪارڪردگي ڪرڻ تي ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ پوليس پارٽي کي انعام طور روڪ رقم ۽ شاباسي جو پيغام ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.