حيدرآباد ۾ بجلي لاءِ احتجاج، پوليس ڪڙڪي پئي، ڪيترائي زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) پنهنجا بنيادي حق گهرڻ به گناهه بڻجي ويو، حيدرآباد جي هوسڙي ٿاڻي جي پوليس سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ تي  ڳوٺاڻن جي ڪيل احتجاجي مظاهري تي ڪڙڪي پئي، ايس ايڇ او جي نگرانيءَ ۾ ڳوٺاڻن مٿان لٺين، مڪن ۽ ٿڦڙن جو وسڪارو ڪيو ويو، ڪيترائي ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا. لطيف آباد تعلقي جي ڳوٺ جان محمد رند ۾ 4 مهينن کان خراب ٽرانسفارمر تبديل نه ڪري ڏيڻ خلاف ڳوٺ جي تڪليف سڙيل سوين ماڻهن حيسڪو خلاف حيدرآباد-ٽنڊومحمد خان روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون، مظاهرين حيسڪو خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا. مظاهري دوران ايس ايڇ او هوسڙي غلام مصطفيٰ عاقلاڻي ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳوٺاڻن سان ڳالهين ذريعي احتجاج ختم ڪرڻ بجاءِ مظاهرو ڪندڙ ڳوٺاڻن مٿان لٺين جو وسڪارو شروع ڪري ڏنو، پوليس اهلڪارن ۽ عملدارن جون لٺيون لڳڻ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، ڪوريج لاءِ پهتل عوامي آواز جي رپورٽر اعجاز چانڊيو جي موبائل لٺ لڳڻ سبب ڀڄي پئي، پوليس ڳوٺاڻن کي لٺيون وسائيندي ڊڙائيندي رهي. مظاهرو ڪندڙ رهواسين جو چوڻ هو ته لطيف آباد تعلقي جي ڳوٺ جان محمد رند ۾ 4 مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي، ان سلسلي ۾ حيسڪو عملدارن، علائقي جي چونڊيل ايم پي اي سميت سمورين لاڳاپيل اختيارين کي درخواستون ڏئي ۽ روبرو ملي مسئلي حل ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي، پر کين 4 مهينن کان ڪوڙا دلاسا ڏنا پيا وڃن ۽ بجلي بحال نٿي ڪئي وڃي. هنن چيو ته گرمي ۽ مڇرن جي آزار سبب ماڻهو سخت پريشان آهن، بجلي بند هجڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي لاءِ ماڻهو تڙپي رهيا آهن. هنن چيو ته ڳوٺاڻن پنهنجي تڪليف سبب احتجاج ڪيو ته احتجاج ڪندڙن مٿان ايس ايڇ او هوسڙي پوليس جا وڏا اٽالا ساڻ ڪري چڙهائي ڪري لٺيون وسايون، جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. هنن ايس ايس پي حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او کي فوري طور تي هٽايو وڃي ۽ حيسڪو چيف فوري طور تي ڳوٺ ۾ ٽرانسفارمر لڳارائي کين پريشاني کان بچائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.