خانپور مهر لڳ ڪاٺ پل تان جنازو گذارڻ واري وڊيو وائرل

خانپورمهر ( ن ع آ ) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ٿهريو ملڪ ۾ ماڪائي مائينر تي پل نه هجڻ ڪري ميت کي ڪاٺي واري پل تان گذاري  قبرستان پهچائڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي ،فوت ٿيل پيرسن نور عالم ملڪ جو مڙھ وارثن ڪاٺي واري پل تان وڏي ڪوشش ڪري ڪراس ڪرائي قبرستان تائين پهچايو، ڳوٺاڻن موجب ڳوٺ ٿهريو ملڪ ڀرسان وهندڙ ماڪائي مائينر تي پل نه هجڻ ڪري اڪثر فوتين جا مڙھ اهڙي ئي ڏکيائين سان گذاريا ويندا آهن، قبرستان ماڪائي مائينر جي ٻي سائيڊ هجڻ ڪري ڪاٺي واري پل وسيلي ئي مڙھ گذارڻ تي مجبور آهيون، تنهنڪري پل جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن پنهنجي پيارن جا مڙھ آساني سان قبرستان تائين پهچائي سگهون.

  • چڪ شهباز ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پاڻي نيڪال نه ٿيو، خلق پريشان

چڪ شھباز پور ( ن ع آ ) چڪ شھباز پور سميت گھوٽڪي ضلعي جي ننڍن وڏن شھرن مان ھن وقت تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شھرين جي زندگي زھر بڻجي وئي آھي، ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب صوبائي وزير عبدالباري پتافي جي تڪ سميت مختلف ڳوٺن جادو پتافي، ڳوٺ نظر علي گڏاڻي، ڳوٺ ٿهريو ملڪ سميت ٻين ڳوٺن ۾ فوت ٿيندڙن جا جنازا پاڻي مان ڪراس ڪري قبرستان تائين پهچايا پيا وڃن ان موقعي تي شھرين ضلعي انتظاميه ۽ يوسي سيڪريٽرين تي ڇوھ ڇنڊيندي چيو آهي ته ظلم جي حد آھي سنڌ سرڪار پاران ترقياتي ڪمن لاءِ ھر سال ڪروڙين روپيا ٽائون ڪاميٽي پبلڪ ھيلٿ ۽ يوسي سيڪريٽرين کي جاري ڪيا وڃن ٿا پر افسوس آهي جيڪي ڪروڙين روپيا رڳو بغير ڪنهن ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي فرضي ڪمپنين جي نالن تي ھڙپ ڪيا وڃن ٿا جنھن سبب شھري شديد مشڪلات جو شڪار ٿي ويا آھن ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي گھوٽڪي ضلعي جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

  • ڪرونڊي ۾ برساتن بعد کجي مڪمل تباھ ٿي وئي

ڪرونڊي (ن ع آ) ڪرونڊي ۾ ڳوٺ زمان خان شر ترائي پل ڳوٺ حبيب الله چانگ سان گڏ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٿيل کجي جو فصل مڪمل تباھ  ٿي چڪو آھي، متاثرين جو چوڻ آھي ته برسات سبب اسان وٽ کجي جي فصل جو تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي باغن ۾ ھيئر تائين مڪمل تور تي پاڻي بيٺل آھي ھر روز تيز برساتون پوڻ جي ڪري کجي جا ڇنگا تڪ ڪٽرائي نه سگھياسين برسات ۾ کجي خراب ٿيڻ جي ڪري باغن ۾ ۽ ڀرپاسي ۾ بدبوء ٿي وئي آھي٠ گزريل ھڪ مھيني کان لڳاتار برساتون پيون آھن خيرپور ۾ کجي سان گڏ ٻيو ڪيترو ئي نقصان ٿيو آھي خيرپور ضلعي ۾ کجي جا ٺيڪيدار مڪمل تور ٽٽي ويا آھن متاثرين جو چوڻ آھي کجي اسان جي ٻچن جي روزي آھي جيڪو سال جو فصل آھي، مير محمد شر سھراب شر جاويد شر قدير شر ۽ ٻين ٻڌايو ته کجي سال جو ھڪ انمول تحفو آھي جيڪا سموري سنڌ سميت پوري ملڪ تائين تحفي ۾ پيش ڪئي ويندي آھ  اسان وٽ پوري ضلعي ۾ کجي مڪمل ٿباھ ٿيل آھي کجي سان گڏ فٽي ۽ ٻيا ڪافي  سارا فصل نقصان ۾ ويا آھن، اسان جي اعليٰ عملدارن کان اپيل آھي ته کجي جي سروي ڪرائي اسان سان سهڪار ڪئي وڃي.

  • بلوچستان ٻوڏ متاثرن جي طبي امداد فراهمي، ريلوي کاتو حرڪت ۾ اچي ويو

سکر(رپورٽر) بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن جي طبي امداد جي فراهمي لاءِ ريلوي کاتي جو هيلٿ ڊپارٽمنٽ پڻ حرڪت ۾ اچي ويو آهي، ان سلسلي  ۾ پاڪستان ريلوي ڊپارٽمنٽ آف هيلٿ جي زير نگراني چيف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ آفيسر لاهور ڊاڪٽر عثمان غني، ڊي ايس سکر ڊويزن اطهر رياض، ڊي ايم ۽ سکر جي ڊاڪٽر مقصود احمد اعواڻ جي هدايت تي بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ روهڙي اسٽيشن  ۽ روهڙي ريلوي اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر روهڙي سيد اسد حسين شاهه جي نگراني ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل آفيسر روهڙي سيد اسد حسين شاهه موجب بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ريلوي انتظاميه پاران روهڙي ريلوي اسٽيشن ۽ روهڙي ريلوي اسپتال ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪيو ويو آهي، جتي ٻوڏ متاثرن کي طبي امداد جي سهولت مفت فراهم ڪئي ويندي.

  • سکر  سنڌ درياءَ ۾ پاڻي سطح ۾  واڌ، ميونسپل ڪمشنر ساڌ ٻيلي جو دورو ڪيو

سکر ( رپورٽر ) سنڌو دريا ۾ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل واڌ سبب ڊرينيج سسٽم جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ ميونسپل ڪمشنر محمد علي شيخ ساڌو ٻيلي جو دورو ڪيو ۽ صورتحال جو جائزو پڻ ورتو، ان موقعي تي هن پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سبب ڊرينيج جو پاڻي واپس ٿيڻ جي شڪايت تي عملي کي هنگامي طور تي ٽريڪٽر مائونٽين پهچائڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کانپوءِ ساڏو ٻيلي وٽ ٻه ٽريڪٽر مائونٽين آندا ويا ته جيئن ڊرينيج نظام ۾ پيش ايندڙ مسئلن جو خاتمو آڻي سگهجي ۽ روڊن تي پاڻي جمع ٿيڻ ڪري شهرين کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه اچي سگهي، تنهن کانپوءِ ميونسپل ڪمشنر محرم الحرام جي حوالي سان ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ امام بارگاهن ۽ مختلف علائقن قريشي ڳوٺ، شاهه پور، آباد، آرائين ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو ۽ عهديدارن سان ملاقات ڪري انتظامن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، هوڏانهن ميونسپل ڪارپورشن جي ڪيل انتظامن تي عهديدارن پاران مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو ۽ ايڊمنسٽريٽر سکر علي رضا انصاري ۽ ميونسپل ڪمشنر محمد علي شيخ جي ڪاوشون کي سارهائيندي کين خراج تحسين پيش ڪئي

  • ٻني مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڌرڻو

ٻنون (ن ع آ) ٻنون جي بوائز ھائي اسڪول سميت دڙو، ٻنون روڊ تي برساتن جو بيٺل گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف اھل تشيع ۽ شھرين پاران دڙو شھر جي مين چوراھي تي 6 ڪلاڪن تائين ھنيل ڌرڻي بعد ٻنون ۾ پ پ پاران چئرمين جي نامزد اميدوار فھد انيس پليجو، دانش پليجو، عمران شورو، رفيق عمراڻي، سرفراز پليجو پاران پنھنجي ليبر سميت پھچي گڏ ٿيل برساتن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرايو ويو، جڏھن ته ٻنون ۾ آزاد حيثيت سان بيٺل اميدوار عبدالغني جوش پليجو پڻ پھچي صفائي وارن ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتو، ان موقعي تي پ پ پاران چئرمين جي نامزد اميدوار فھد انيس پليجو پريس ڪلب دڙو جي ٽيم سان خصوصي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ڪالهھ شيعا مومنن پاران دڙي ۾ 6 ڪلاڪن تائين ھنيل ڌرڻي جي نتيجي ۾ انتظاميا سان گڏوگڏ اسان پاڻ به پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون، ۽ اڄ پنھنجي ذاتي خرچ تي ليبر کي وٺي رضاڪاراڻي طور شھر مان برساتي پاڻي ڪڍرائي رھيا آھيون، ھن چيو ته ٻنون کي ماضي ۾ نظرانداز ڪيو ويو ھو. ، انشاﷲ ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ چونڊجي عوام جي بھتر خدمت ڪنداسين، جڏھن ته ٻنون ۾ آزاد اميدوار عبدالغني جوش پليجو ڳالھائيندي چيو ته پ پ اڳواڻ فھد پليجو شھر مان پاڻي ڪڍرائي رھيو آھي، اسان به ھن شھر جا رھواسي ۽ اميدوار آھيون، ۽  رضاڪاراڻي طور بيلچا، ڏٻا ۽ ٻيو سامان کڻي خود گندو پاڻي نيڪال ڪري رھيا آھيون.  اسان سڀني تي اھو فرض عائد ٿئي ٿو ته ھن شھر جي وارثي ڪري عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرايو.

  • حڪمران ٻوڏ متاثرن جي امداد بدران ڪرپشن ۾ پورا آهن: لال جروار

حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي  اڳواڻ نور احمد ڪاتيار ۽ ستار رند پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جا برسات متاثر واهر جا منتظر آهن پر ملڪ جا حڪمران ماڻهن جي واهر ڪري، برساتن سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ بدران امدادي رقم مان ڪرپشن ڪري پنهنجا بڀ ڀرڻ ۾ پورا آهن. حڪومتي نااهلي جي ڪري برساتن سڄي سنڌ ۾ تباهي آندي  آهي. ڪٿي وڄ ڪرڻ سبب سوين ٻڪريون مري ويون آهن ته ڪٿي وري شهرن ۾ گٽرن جا نالا کليل آھن. حڪومت جي اهڙي بي ڌياني سبب سنڌ جي ماڻهن توڙي جون زندگيون داءَ تي لڳل آهن. اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت برساتن دوران سنڌ کي ٽڪي جي به امداد ڏيڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته سنڌ مان نڪرندڙ تيل، گئس ۽ ڪوئلي ۾ ٻئين هٿ وجهي، سنڌي عوام جي ڦرلٽ ڪري رهي آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ مان نڪرندڙ تيل، گئس، ڪوئلي سميت قيمتي معدنيات تي وفاق غيرقانوني طور قبضو ڪيون ويٺو آهي پر سنڌ مٿان ايندڙ آفتن مهل وفاق اِهو وساري ٿو ويهي ته ڪو سنڌ به ملڪ جو حصو آهي. وفاقي حڪومت افغانستان جي ٻوڏ متاثرن کي ته امداد موڪلي ٿي پر سنڌ جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي بي يارو مددگار ڇڏي آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته کنوڻ، ڪرنٽ ۽ برساتن جي ٻين سببن جي ڪري فوت ٿي ويلن وارثن کي معاوضو ڏنو وڃي، کنوڻن سبب چوپائي مال جي ٿيل نقصان جو پڻ ازالو ڪيو وڃي  ۽ سنڌ کي آفت سٽيل صوبو قرار ڏئي، سنڌي عوام جي هنگامي بنيادن تي واهر ڪئي وڃي. ان سان گڏ زراعت جي تباهي ۽ چوپائي مال جو  معاوضو پڻ ڏنو وڃي.

  • فريدآباد: ٻوڏ جي پاڻي حمل ڳوٺ کي ٻوڙي ڇڏيو

فريدآباد ( ن ع آ (وارھه تعلقي جي ڪاڇي جي ڳوٺ يوسي حمل ڳوٺ کي ٻوڏ جي پاڻي ھيٺ اچي ويو آهي، جڏهن ته ڳوٺ حمل جي رھواسين  سياسي سماجي اڳواڻن امدادعلي چانڊيو  ـ طالب حسين چانڊيو  آفتاب حسين چانڊيو  ۽ تراب علي ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب فريدآباد  پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڳوٺ ٻڏي ويو آهي ـ ڳوٺ جا تعليمي ادارا ـ مسجد ۽ 700سو  گھر مڪمل پاڻي ھيٺ اچي ويا ـ گھرن مان ڪافي سامان ڪڍي ناھيون سگھيا ـ ڪاڇي جا ماروئڙا ماڻهو کلي آسمان ھيٺ ويٺا آهن ـ عوام ۽ ڳوٺاڻن کي مسڪلاتون درپيش آهن ـ گيسٽرو ۽ بخار ۾ مرد ـ عورتون ـ ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن ڪير سار لھڻ وارو ناھي ـ کاڌ خوراڪ جي شديد کوٽ ٿي وئي آهي ـ  اسان جا وارھ شھر ۽ فريدآباد  کان رستا مڪمل ڪٽجي ويا آهن ـ اسان پرائيويٽ  ٻيڙين جي ذريعي شھر اچون ٿا سرڪاري لانچون ۽ ٻيڙيون منظور ڪيون وڃن ـ ھنن چيو ته حمل ۽ آسپاس جا ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن ـ اسان جا ماڻهو  تمام گھڻي تڪليف ۾ آهن ـ ھنن تڪ جي پ پ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو  ـ نوابزادھ  ايم پي اي برھان خان چانڊيو  ـ ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته راشن ـ ٽينٽ ـ دوائون ۽ ٻيڙيون ڏنيون وڃن ۽ کين واھر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.