حيدرآباد ۾ پوليس هٿان نوجوان کنڀجي وڃڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ٿاڻو بولاخان جي رهواسي باريجا برادري پاران پوليس طرفان غلام محمد باريجو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف حيدرآباد  پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي موندر خان باريجو، عرس باريجو، سڪندر باريجو ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته اسان جو سياسي تعلق ڄامشورو اتحاد سان آهي، جنهن تي پ پ ايم پي اي پوليس ذريعي سياسي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائيندي اسان جي هڪ ماڻهو غلام محمد باريجو کي کنڀرائي گم ڪرائي ڇڏيو آهي، کين خدشو آهي ته ان کي پوليس ذريعي قتل ڪرايو ويندو. هنن چيو ته ڄامشورو اتحاد جي اميدوارن ۽ اڳواڻن خلاف ڪارروائين تحت ڄامشورو اتحاد جي حامي برهماڻي برادري جي ماڻهن خلاف ايس ايڇ او ٿاڻو بولاخان فرمان ابڙو ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل مامري جو نوٽيس وٺي غلام محمد باريجو کي بازياب ڪرائي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.