مٺي ۾ آپريشن، مسڪينن جا اجها پٽ، ڌرڻو، عملدارن جون ڌمڪيون، چڪريون

مٺي( رپورٽ:غازي بجير)مٺي جي روينيو ڪامورن ڏيپلو باء پاس وٽ مهشورين ۽ ميگهواڙن جي سروي زمين تي ويٺل ڪولهي ۽ ميگهواڙ برادري جي ڪيترن ئي هاري خاندانن جا بلاجواز گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا،  بي گهر ٿيل متاثرين روڊن تي نڪري آيا، باء پاس ۽ ڪشمير چوڪ تي ڌرڻا، ڳالهين لاء پهتل اي سي ۽ ڊي ايس پي جون احتجاج ڪندڙن کي ڌمڪيون،چڪريون، ڪيترائي ڪلاڪ مک باء پاس روڊ بلاڪ،  مٺي شھر ڀرسان ڏيپلو باء پاس تي اسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار جي اڳواڻي ۾ روينيو عملي ۽ پوليس اٽالن جيتو مهشوري ۽ ڏيون ميگهواڙ جي سروي زمين تي ويٺل هارين جي گهرن مٿان اوچتو ڪاه ڪري سندن گهر جو سامان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو، چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري کين گهرن مان بي دخل ڪيو ۽ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، روينيو ڪامورن جي اهڙي بلاجواز ڪارروائي خلاف زمين جا مالڪن جيتو مهشوري ۽ ڏيون ميگهواڙ ۽ بي گهر ٿي ويل متاثر هاري عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج لاء روڊن تي نڪري ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو جتان احتجاجي ريلي ڪڍي مٺي اسلام ڪوٽ باء پاس ڌرڻو هڻي ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جڏهن ته احتجاج ۾ ڪامياب ٿيل مٺي ميونسپل ڪميٽي جو آزاد ڪائونسلر حاڪم ڪيولاڻي، ايس ٽي پي اڳواڻ لالا مهيش سنڌي سميت وڏي انگ ۾ شھري پڻ شامل ٿي ويا، زمين مالڪن ۽ سندن بي گهر ٿيل هارين  روينيو ڪامورن خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ متاثرهارين  برساتي موسم ۾ بي گهر ڪرڻ خلاف دانهون ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو،  جنهن دوران الزام هيٺ آيل اسٽنٽ ڪمشنر مٺي حميد مغل ۽ ڊي ايس پي سڄاڻ سنگھ هڪ دفعو ٻيهر احتجاج واري هنڌ پهچي روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اي سي مٺي کين گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ته متاثرن سان چڪريون ٿي پيون ۽ احتجاج ڪندڙن مڇرجي سندس سامهون سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي ڊي ايس پي سڄاڻ سنگھ وچ ۾ پئجي ڳالهين ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو،  ان موقعي تي سروي زمين جي مالڪن جتيش مهشوري، ڏيون ميگهواڙ،ڀواني لانگهڻي سميت متاثر ٿيل هارين دانهيندي چيو ته روينيو ڪامورا اسانجي زمين ڀرسان سندن ملي ڀڳت سان ڪيل قبضا هٽائڻ بدران سروي زمين تي ويٺل هارين جا گهر ڊاهي کين بي گهر ڪيو جيڪو وڏو ظلم آھي اهڙي عمل جو نوٽيس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.