ٺڪراٺو ۾ بدامني نه رڪي، هوٽلن ۽ دڪانن تان سولر پليٽون چوري

ٺڪراٺو ( ن ع آ ) ٺڪراٺي ۽ ڀرپاسي ۾ چورين تي ضابطو نه آيو گذريل جمعي  جي مبارڪپور شھر جي ٿاڻي جي ڀر واري مين بازار جي دڪانن ۽ ھوٽلن تان نامعلوم چورن 10 سولر پليٽون چوري ڪري فرار ٿي ويا آھن اطلاع باوجود سڏ پنڌ تي مبارڪپور ٿاڻو ھجڻ باوجود پوليس واردات واري جڳھ تي نه پھتي آھي نامعلوم چورن پاران  امدادمھتم سجاد مھتم علي محمد ياسين مھتم ۽ ٻين دڪاندارن جون 10 سولر پليٽون چوري ڪري فرار ٿي ويا آھن شھرين جو چوڻ آهي ته مبارڪپور ٿاڻي جي حد مان چوريون روز جو معمول بڻجي ويون ھڪ ھفتي دوران ھي چوري ڇوٿين واردات آهي آ متاثر دڪاندارن ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل سولر پليٽون واپس ڪرائي ڏياريون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.