سکر ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي طور تي ريلي ڪڍي وئي

سکر(رپورٽر) ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجھتي جي لاءِ سول ڊفينس آرگنائيزيشن سکر طرفان ڊپٽي ڪنٽرولر امير الدين عباسي، ڊپٽي چيف وارڊن ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، پوسٽ وارڊن محمد اعظم شيخ، آغا اڪرم دراني، حاجي محمد رياض کوکر، اشفاق احمد ميتلو، ادريس کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته دنيا جو سڀ کان وڏو ناسور ۽ دهشتگرد مودي مسلمان دشمن جون پاليسيون اپنائي رهيو آهي، ظالم ڀارت حڪومت 5 آگسٽ 2019 تي مقبوضه ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ جي صدا کي دٻائڻ جي لاءِ ناڪام ڪوشش ڪندي قانون ۾ تبديلي ڪئي ۽ پنهنجي آئين مان آرٽيڪل 370 ڪڍي ڇڏيو، جنهن سان مقبوضه ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڪرفيو هڻي ڇڏيو، جيڪا ڪشميرين سان ظلم جي انتها آهي، اسان کي پنهنجي فوج تي ناز آهي، آءِ ايس پي آر جي ڪوششن کي سلام پيش ڪريون ٿا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.