صالح پٽ مان پوليس پيءٌ پٽ کي گم ڪري ڇڏيو، وارث عورتن جو احتجاج

صالح پٽ (  رپورٽ: امتياز علي مهر  ) صالح پٽ جي  ڳوٺاڻن پيرسن عورت مسمات چاندل ميراڻي، غوث بخش ميراڻي، وزير ميراڻي ۽ ڪانڊيرو ميراڻي معصوم ٻارڙن سميت پريس ڪلب صالح پٽ آڏو احتجاج ڪندي دانھيو آهي ته گھوٽڪي پوليس بلا جواز اسان جا ٻه ماڻهو علي ڏنو ميراڻي ۽ امير علي کڻي گم ڪري ڇڏيا آهن ھنن تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته ڪالهھ علي ڏنو ميراڻي ۽ سندس پٽ  امير علي  جئين ئي شھر پھتا ته گھوٽڪي پوليس کيس زبردستي کڻي گاڏي ۾ ويھاريو جن سان صالح پٽ ٿاڻي جو پوليس اھلڪار نورخان ڪٽپر پڻ گڏ ھو، ھنن وڌيڪ چيو ته  جيڪڏهن اسان جي ماڻھن مٿان ڪو ڪيس وغيرھ يا ڪو به شڪ شبوآھي ته اھو ظاھر ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته قانون کان  ڪو به مٿاھون ناھي، اسان مسڪين آھيون بيشڪ جاچ ڪئي وڃي، اسان مٿان سياسي انتقام ورتو وڃي ٿو، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي سکر نوٽيس وٺي شفاف  جاچ ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.