عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ ۾ ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتي لاء ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ طاھر علي ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي جنھن ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن استادن، شاگردن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ طاهر علي ميمڻ چيو ته هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتي ڪرڻ آهي ۽ چيو ته ڪشميري عوام تي مودي سرڪار ڀارتي فوج هٿان ظلم ڪري رهي آهي جيڪا انساني حقن جي خلاف ورزي آهي ۽ چيو ته ظلم جو سج هڪ نه هڪ ڏينهن لهڻو آهي