جهمپير ۾ پوليس زيادتين خلاف ريلي، ڌرڻو، شٽر بند هڙتال

جهمپير (ن ع آ)جهمپير ۾ پوليس جي زيادتين خلاف ديوان برادري جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، واپارين ۽ شھرين ريلي جي صورت ۾ پريس ڪلب تان ٿيندي بائي پاس چوڪ تي تقريبن ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻوهڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، ظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايڇ او جهمپير منشيات جي آڙ ۾ دڪاندارن بلخصوص ديوان برادري کي تنگ ٿو ڪري ۽ منشيات سڄي شھر ۾ پوليس جي سرپرستي سان هلي پئي هفتيوار منٿلي وٺڻ باوجود دڪاندارن کي مختلف طريقن سان حراسان ڪيو ٿو وڃي. ٻئي طرفڊي ايس پي جهرڪ قادر بخش خاصخيلي مظاهرين وٽ پهچي انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد روڊ کي کولرايو. هوڏانهن ٻئي پاسي ايس ايڇ او جهمپير پنهنجو موقف ڏيندي صحافين کي ٻڌايو ته جهمپير ۾ منشيات جي ڊيلرن ۽ سهولت ڪارن جي لسٽ آيل آھي جنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ اسان ڪم ڪري رهيا آھيون ۔ڪنهن به بيقصور ماڻھو کي تنگ نه ڪيو ويندو ،ديوان ۽ جهمپير جا شھري اسان لاءِ عزت وارا آھن. آخر ۾ ڊي ايس پي جهرڪ، ايس ايڇ اوجهمپير، سياسي، سماجي ، صحافي ۽ جهمپير جي شھرين اهو گڏجي فيصلو ڪيو ته جهمپير شھر ۽ ڳوٺن ۾ ڪنهن به قسم جي منشيات تي مڪمل بابندي هوندي ۽ پوليس پنهنجو ڪم نيڪ نيتي سان ڪري ۽ ڪنهن به غريب شھري کي بلاجواز تنگ نه ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.