دريا خان مري لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، همراهه زخمي

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ ڪھڪاٽ  ۾ لاشاري برادري جي 2 ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران فائرنگ سبب 3 گوليون لڳڻ ڪري ڳوٺ ٽنڊو لاشاري واسي لکمير لاشاري سخت زخمي ٿي پيو،  زخمي کي فوري طور تي علاج لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري آندو ويو، جتي زخمي کي فرسٽ ايڊ ڏئي وڌيڪ علاج لاءِ  نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمي لکمير لاشاري ٻڌايو ته صاحب خان لاشاري ۽ اڪرم لاشاري واري ڌر ۾ نيڪ مردن سان گڏ صلح ڪرائڻ آياسين ته صاحب خان لاشاري واري ڌر سڌي فائرنگ ڪئي، منھن پني سٿر ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيس ڳوٺاڻن علاج لاءِ  اسپتال آندو واضح رھي ته ڳوٺ ڪھڪاٽ ۾ لاشاري برادري جي 2 ڌرين صاحب خان لاشاري ۽ اڪرم عرف اڪرو لاشاري واري ڌر ۾ ڪافي وقت کان جھيڙو ھلندڙ آھي جڏھن ته دريا خان مري ٿاڻي تي اڪرم لاشاري جي فرياد تي 15 جوابدارن 3 عورتن 8 سڃاتل ۽ 4 اڻسڃاتل ماڻھن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي دريا خان مري پوليس ڪيس ۾ گھربل عبدالحق لاشاري ڌڻي بخش لاشاري ۽ مسمات رابعه لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.