ڏوڪري اسپتال جي ايمبولنس ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، شيشا ٽٽي پيا

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري تعلقي اسپتال جي  ايمبولنس ڊرائيور ساجد علي جوڻيجو مريض کي لاڙڪاڻي اسپتال کڻي وڃي رهيو هو ته چنا وٽان پيٽرول پمپ تان اوچتو موٽر سائيڪل اچڻ سبب ايمبولنس ڊرائيور گاڏي تي ڪنٽرول ڪري مجعزاڻي طور ست حياتيون بچائي ورتيون. ان موقعي تي ايمبولنس ڊرائيور ساجد جوڻيجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مريض کي لاڙڪاڻي اسپتال کڻي وڃي رهيو هيس ته اوچتو موٽر سائيڪل اچڻ سبب گاڏي تي ڪنٽرول ڪري وڏي حادثي کان بچي ويا آهيون موٽر سائيڪل سوار سميت ايمبولنس جا شيشا ٽٽي پيا،  موجود مريض ۽ ٻين جون حياتيون محفوظ آهي معمول موجب ڪجھه زخم پهتا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.