سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انتظام هيٺ ڪشميرين سان يڪجهتي طور تقريب

ٽنڊوڄام (م ڊ ) ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي قانوني حيثيت کي هڪ طرفي طور  تبديل ڪرڻ واري غيرقانوني عمل خلاف ڪشميري عوام پاران ملهايل استحصالي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انتظام هيٺ هلندڙ بخاري ماڊل هائي اسڪول فارم ڪالوني ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي. ، جنهن ۾ بخاري ماڊل هاءِ اسڪول جي شاگردن تقريرون ڪيون ۽ ڪشميري عوام تي ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي مذمت ڪئي، ان موقعي تي اسڪول مينيجمينٽ ڪاميٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر محمود الحسن مغل ۽ ٻين ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا.

  • حيدرآباد ۾ عاجز ڌامرا جي ماتمي جلوس ۾ انجمن اماميه جي عهديدارن سان ملاقات

حيدرآباد ( م ڊ  )  سينيٽر عاجز ڌامرا انفارميشن سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ٽڪيٽ هولڊر پي ايس 66 حيدرآباد  پنهنجي تڪ ۾ قدم گاهه (مولا علي عليه السلام) کان نڪتل مرڪزي ماتمي جلوس ۾ انجمن اماميه جي عهديدارن سان ملاقات ڪئي ۽ انتظامن جو جائزو ورتو. يوم عاشور جي موقعي تي هن انجمن اماميه کي پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.   ان موقعي تي حيدرآباد ضلعي جو انفارميشن سيڪريٽري احسان ابڙو، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، احمد شاهه، انجنيئر سڪندر حيات، چوڌري شاني آرائين، اميدوار يوسي 8 ٽائون نيرون ڪوٽ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.