عالمي طاقتون ملڪ ۾ انتشار چاهين ٿيون: اياز لطيف

حيدرآباد( رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز  لطيف پليجي ڪوئٽا ۾ رئيساڻي چوڪ تي بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آھي تہ انساني جاني نقصان تي افسوس آھي، زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آھيون. عالمي طاقتون پاڪستان ۾ انتشار ۽ دھشتگردي چاھين ٿيون. دھشتگردي خلاف جنگ ۾ متحد آھيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪشميرين کي پنھنجي زندگي جو فيصلا پاڻ ڪرڻ جو بنيادي حق آھي. مودي ۽ ڀارتي اسٽيبلشمينٽ جي ڪشمير پاليسي ڪامياب نہ ٿي سگھندي. ظلم ۽ جبر سان ڪشميرين جو رستو نٿو روڪي سگھجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مودي سرڪار آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي بحال ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.