ڪشمور ۾ غازي ڳوٺ ڊاهڻ خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

ڪشمور ( ن ع آ  )ڪشمور ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ ڳوٺ ۾ سنڌي وسندين جا اجھا ڊاھڻ واري عمل خلاف  پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ايس ٽي پي ڪشمور جي صدر رفيق احمد چنا ﷲ بچايو شيخ عبدالجبار سولنگي  غلام حيدر کوسو احمد نواز گولاٽو اقرار گل فراس ۽ ٻين ھٿن ۾ ايس ٽي پي جا جھنڊا کڻي غازي ڳوٺ ڊاھرائيندڙ بلڏنگ مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي.  ايس ٽي پي ڪارڪنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ڌارين جي آبادڪاري تي سنڌ سرڪار خاموش آهي غازي ڳوٺ جي قديم سنڌي وسندين جا گهر ڊاهڻ تي انتظاميا خلاف ڪو تحرڪ ناهي ورتو فارميلٽي پوري ڪندي چند روينيو ۽ پوليس عملدارن کي معطل ڪيو ويو سنڌ جي نياڻين سان ٿيندڙ تشدد ۽ تذليل جو ڪو ازالو ناهي ڪيو ويو ايس ٽي پي ڪشمور جي ڪارڪنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته غازي ڳوٺ واسين سان ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.