ملير ۾ پوليس جمعدار جو احتجاج، ڀتو گُهرڻ ۽ڌمڪين جو الزام

ملير (ڊ.ر) ٿاڻي باقراڻي جي حد باقراڻي واسي پوليس جمعدار معشوق علي ابڙو کان بااثرن پاران 50 لک روپيه ڀتو طلب ڪندڙن جو ڀتو نه ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي بااثرن جو  گهر مٿان فائرنگ ڪرڻ ۽ گهر ڀاتين کي قتل ڪرڻ سميت زمين ۽ گهر تي قبضي جون ڌمڪيون ملڻ خلاف بن قاسم ٿاڻي جي پوليس جمعدار معشوق علي ابڙو جو ملير پريس ڪلب ڪراچي آڏو احتجاجي مظاهرو، ان موقعي تي جمعدار معشوق علي ابڙو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته مان تعلقه باقراڻي ڳوٺ ملان ابڙا جو رهواسي آهيان ۽ مان بن قاسم ٿاڻي تي بطور جمعدار ڊيوٽي جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهيان، ڳوٺ ملان ابڙا ۾ منهنجي زمين ۽ گهر تي بااثر ماڻهو جن ۾ واڌو پٽ بخشل ابڙو، امير پٽ واڌو ابڙو، وحيد پٽ بخشل ابڙو، سهون پٽ وحيد ابڙو، رابيل پٽ ميرڻ ابڙو ۽ سندس ٻيا ساٿي جيڪي اسان کان 50 لک روپيه ڀتو گهري رهيا آهن نه ڏيڻ جي صورت ۾ اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ڪن ٿا ۽ چون ٿا اسان کي ڀتو ڏيو نه ته تو سميت تنهنجي سمورن گهر ڀاتين کي قتل يا اغوا ڪري ڇڏينداسين، جنهن سبب اسان خوف ۽ حراس واري زندگي گذاري رهيا آهيون، جن مان مونکي ۽ منهنجي گهر ڀاتين کي جاني ۽ مالي خطرو آهي بااثر ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.