وارهه ۾ٻارن جي ڳالهه تان ڇڪتاڻ، نينگر گولي هڻي زخمي

وارھه  ( ن ع آ)وارھ ۾ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾  ٻارن جي معمولي ڳالھ تان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ وڌي وئي ، دڪان تي مزدوري ڪندڙ 14سالن جو  محمد علي ولد شهزاد ابڙو گولي لڳڻ سبب زخمي ،خبرموجب ،وارھ ۾ ايس ڪي جنرل اسٽور تي ملازمت ڪندڙ محمد علي ابڙو کي  ھٿيار بند گولي ھڻي فرار ٿي ويا ، جنهن کي ترت اعلاج لاء وارھ تعلقا اسپتال پهچايو ويو ،جتي کيس شروعاتي اعلاج ڏئي لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو ،ان موقعي تي  زخمي نينگر محمد علي جي والد شھزاد ابڙو صحافين کي ٻڌايو ته ڪجھ ڏينهن اڳ ٻارن جي معمولي ڳالھ تان پنهنجي ئي برادري جي ڌر ۾  منهن ماري ٿي ھئي ، جنهن جو فيصلو به ٿي چڪو آھي ،  ۽ منهنجو ننڍڙو دڪان تي ملازمت ڪندو آھي جنهن مٿان اڳئي ڌر جيڪي رشيدار پڻ آھن ،تن دڪان تي وڃي ھروڀرو منهنجي معصوم وٽ کي گوليون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو آھي ،ھن چيو ته آءٌمسڪين آھيان ،ايس ايس پي قمبر ،ڊي آء جي لاڙڪاڻو کي اپيل ٿو ڪريان ته منهنجي ٻچي کي گولين ھڻندڙ سمورن ظالم جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.