سلطانپور ( ن ع آ ) سلطانپور ڀرسان ڳوٺ الهيار انڍڙ ۾ قائم پرائمري اسڪول انتظاميا جي بي ڌياني سبب تباهي ڪناري پهتل آهي اسڪول جي گرائونڊ ۾ برساتي پاڻي بيٺل هجڻ ڪري اسڪولي ٻارڙا توڙي استاد سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا اسڪول جي مين گيٽ توڙي گرائونڊ ۾ پاڻي هجڻ ڪري اسڪولي شاگردن کي اچ وڃ ۾ دشواريون پيش اچڻ لڳيون آهن. فرنيچر نه هجڻ ڪري معصوم ٻارڙا ڳوٺ جي اوطاق ۾ کٽن تي ويهي تعليم پرائڻ لڳا پر انتظاميا اگھور ننڊ ستل آهي هتان جي ڳوٺاڻن فهد اڪبر انڍڙ، عبداللطيف انڍڙ، ارشاد احمد انڍڙ ۽ ٻين تعليم واري وزير سيد سردار علي شاه ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي گرائونڊ ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي بنيادي سهولتون توڙي فرنيچر فراهم ڪيو وڃي ته جيئن تعليم ڪارووهنوار جاري رکي سگهجي.